ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي سينٽرل جيل مان قيدين کي ڀڄائڻ واري ڪيس ۾ اسسٽنٽ سپرنٽنٽڊنٽ اياز سالڪ کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. سي ٽي دي طرفان ڪراچي سينٽرل جيل مان قيدين کي ڀڄائڻ واري واقعي جي جاچ جو سلسلو جاري آهي. ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي ثناءَ الله عباسي جيل اسسٽنٽ سپرنٽنٽڊنٽ اياز سالڪ کي به گرفتار ڪرڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ آهي ته اياز سالڪ کي دهشتگردي جي خاتمي واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. ثناءَ الله عباسي موجب گرفتار ٿيل جيل عملدارن جو تعداد 15 ٿي ويو آهي.