قوم جي سامهون ڊان ليڪس معاملي جي رپورٽ رکي وڃي: شاهه محمود قريشي
May 16, 2017 at 4:11 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڊان ليڪس تي تحريڪ انصاف تحريڪ التويٰ جمع ڪرائي آهي، اسان سمجهون ٿا ته ان معاملي جي وفاقي حڪومت ئي هڪ ڌر آهي، هن چيو ته وفاقي حڪومت جي اداري ان کي قومي سلامتي جي خلاف قرار ڏنو، رائو تحسين کي هٽايو ويو، اهو عدالت وڃي پوري رپورٽ گهري رهيو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته رائو تحسين چوي ٿو ته زيادتي ٿي، طارق فاطمي جو چوڻ آهي ته اهو بي گناهه آهي، پرويز رشيد چوي ٿو ته ان کي قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو، هن چيو ته قوم جي سامهون ڊان ليڪس معاملي جي رپورٽ رکي وڃي.