قومي ٽيم جو پاڪستان پهچڻ تي شاندار استقبال، ڪاميابي گڏيل محنت جو نتيجو آهي: سرفراز احمد

June 21, 2017 at 6:02 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي( م ڊ ) قومي ٽيم جو پاڪستان پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو، قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته چيمپينز ٽرافيءَ ۾ ڪاميابي سڀني جي گڏيل محنت جو نتيجو آهي. ڪراچي آمد کانپوءِميڊيا سان ڳالهائيندي سرفراز احمد چيو ته ڀارت کي فائنل ۾ شڪست ڏئي کين تمام گهڻي خوشي ملي، اها ڪاميابي پاڪستانين لاءِ ننڍي نه پر تمام وڏي فتح آهي. هن چيو ته اسان هر شعبي ۾ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ اسان کي ڪاميابي ملي. سندس چوڻ هو ته رانديگر جنهن انداز سان کيڏيا تنهن جي جيتري واکاڻ ڪئي وڃي گهٽ آهي. سرفراز احمد چيو ته انتظاميه تمام گهڻي محنت ۽ حوصلا افزائي ڪئي جنهن سبب اسان جي ٽيم ڪم بيڪ ڪيو. هن چيو ته ڀارت هٿان شڪست کانپوءِ اسان جي فيلڊنگ، بيٽنگ سميت بالنگ ۾ به وڌيڪ بهتري آئي، الله تعاليٰ جو شڪر آهي جو اسان ڪاميابي حاصل ڪئي. سندس چوڻ هو ته ڀارت سان پهرين ميچ ۾ نوجوان رانديگر دٻاءَ ۾ اچي ويا هئا پر سينئر رانديگرن زبردست ڪارڪردگي ڏيکاري، جڏهن ته اميد آهي ته مستقبل ۾ وڌيڪ بهتر ڪارڪدگيءَ جو مظاهرو ڪيو ويندو.

اي پيپر