قومي اسيمبليءَ ۾ عائشه گلالئي جي الزامن جي جاچ لاءِ خاص ڪميٽي قائم ڪرڻ جي رٿ منظور
August 5, 2017 at 8:37 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد(بيورو ) قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ قومي اسيمبليءَ جي ايم اين اي عائشه گلالئي جي الزامن جي جاچ لاءِ ان ڪئمرا پارلياماني ڪميٽي قائم ڪرڻ جي رٿ منظور ڪئي وئي آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ خاص پارلياماني ڪميٽي جوڙڻ جي رٿ عارفه خالد پيش ڪئي. رٿ ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر اياز صادق پارلياماني ڪميٽي جوڙيندو جيڪا هڪ مهيني ۾ رپورٽ پيش ڪندي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي نفيسه شاهه چيو ته معاشري ۾ جيڪا عورت پنهنجي حق لاءِ اٿندي آهي تنهن تي الزام لڳندو آهي. هن چيو ته ٽوئيٽ ۾ چيو ويو ته عائشه تي تيزاب اڇلايو وڃي وزيراعظم عائشه کي ڌمڪين واري معاملي جي به جاچ ڪري. سندس چوڻ هو ته ماريه طور قومي اسٽار آهي، سندس تصويرن تي واويلا ڪرڻ به جنسي هيسائڻ آهي. نفيس شاهه چيو ته ڇا تحريڪ انصاف عورت رانديگرياڻي خلاف الزام هڻندڙ ڪارڪنن خلاف جاچ ڪندي. هن چيو ته معاملو ٻن اسيمبلي ميمبرن ۾ آهي، جيڪڏهن هيسائڻ واري ڪميٽي فعال ناهي ته فعال ڪيو وڃي. مسلم ليگ ن ايم اين اي ماروي ميمڻ چيو ته اڃا هاڻي تي ڳالهه شروع ٿي آهي، ن ليگ کي عائشه کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت ناهي. هن چيو ته عمران خان پنهنجي سياست ۽ سيٽون بچائڻ لاءِ خاموش آهي، جيڪي ماڻهو عائشه خلاف ڳالهائين ٿا تن کي به خبر آهي ته اها درست چئي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته حلفيه چوان ٿي ته عائشه جيڪو چيو 100 سيڪڙو درست آهي. تحريڪ انصاف جي شيرين مزاري ڳالهائيندي چيو ته جڏهن خواجه آصف کيس ٽرالي چيو هو ته تڏهن ن ليگ جون عورتون خاموش هيون، تڏهن کين شرم ۽ حياءَ نه آيو هو؟ هن چيو ته خواجه آصف پنهنجي گار تي اڄ تائين معافي نه ورتي آهي.