قلندر جي مزار تي حملي خلاف جيڪب آباد ۾ به فقه جعفريا جو ڊي سي چوڪ تي ڌرڻو
February 17, 2017 at 11:03 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
جيڪب آباد (ڊر) گذريل رات لعل شهباز قلندر جي مزار تي خد ڪش حملي ۾70 زائرين جون بيگناه شهيد ٿيڻ تي آڄ جيڪب آباد ۾ به فقه جعفريا جو ڊي سي چوڪ تي ڌرڻو،خبر موجب،گذيل رات لعل شهباز قلندر جي مزار تي خدڪش حملي ۾70 زائرين جون بيگناه جانيون شهيد ٿيڻ تي آڄ جيڪب آباد ۾ به فقه جعفريه جي جمع نماز کان پوءِ امام بارگاه کان هڪ وڏي ريلي فقه جعفريه جي ضلعي صدربنده علي جعفري ،سيد احسان شاهه، جي اڳواڻي ۾ ڪڍي ڊي سي چوڪ تي ڌرڻو هنيو جتي مٿين اڳواڻن فقه جعفريه جي مومنن کي خطاب ڪندي چيو ته پوري ملڪ ۾ دهشتگردي جا حملا ٿي گذريا آهن، اسان لعل قلندر شهباز جي مزار تي ٿيل حملي جي سخت لفظن ۾ مزمت ٿا ڪيون ، دهشتگردي جي لهر ۾ اسان جي سنڌ کي وڏو نقصان پهتو آهي ،گذريل محرم ۾ اسان جي شهر جيڪب آباد، ۽ شڪار پور، ۾ به هڪ وڏو سانحو ٿيو جنهن ۾ اسان جي معصوم ٻارڙن سان گڏ وڏي تعداد ۾ مومنن جون جانيون شهيد ٿيون هيون اسان حالات جنگ ۾ گذاري رهيا آهيون ،سوهاڻ اسان جون مقدس درگاهون به هاڻي سيڪيور نه آهن اسان مطابلو ٿا ڪيون وزير اعّظم نواز شريف ۽ سي ايم سنڌ کان اسان جي مقدس گاهن تي سيڪورٽي وڌائي شهر ۾ رينجرس ۽ پوليس جو گشت جاري رکيو وڃي ته جئين اسان جا مومنن ۽ڪنهن وڏي سانحه کان بچي سگهن، آرمي ۽ رينجرس پوري سنڌ جيان جيڪب آباد ۾ هڪ گڏيل آپريشن ڪرايو وڃي ، انهن دهشتگردن جا سهولت ڪار جلد گرفتا ڪيا وڃن،