قطري شهزادي کي خط ۾ ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ جو لهجو اختيار ڪيو ويو آهي: سعد رفيق
July 8, 2017 at 5:37 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (بيورو): وفاقي وزير سعد رفيق چيو آهي ته وزيراعظم آئين ۽ قانون جي سربلندي لاءِ خاندان کي عدالت ۾ پيش ڪيو، هن چيو ته وزيراعظم کي مشورو ڏنو ويو ته عدالتي دائره اختيار کي چئلينج ڪريو، وزيراعظم پاڻ سپريم ڪورٽ سان ڪميشن بڻائڻ جي ڳالهه ڪئي، خواجا سعد رفيق چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ٽئي درخواستون ن ليگ جي سياسي مخالفن جون آهن، انهن سياسي مخالفن کي سدائين ن ليگ کان شڪست نصيب ٿي آهي، هن چيو ته حمد بن جاسم چيو ته جي آءِ ٽي دوحا اچي بيان وٺي، اڄ قطري شهزادي کي لکيل خط بابت خبر ڇپي آهي، قطري شهزادو ڪيئن پاڪستاني قانون تحت پيش ٿي سگهي ٿو، قطري شهزادي کي خط جو متن توهين آميز آهي، قطري شهزادي کي خط ۾ ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ جو لهجو اختيار ڪيو ويو آهي، هن چيو ته قطر جي اڳوڻي وزيراعظم جو اهڙو ٽرائل ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اهو سهڪار لاءِ تيار آهي، قطر جي اڳوڻي وزيراعظم کي جي آءِ ٽي پاڪستاني شهري وانگر وٺي رهي آهي.