قطري خط وزير اعظم نه پر سندس ٻارن پيش ڪيو: عدالت جا ريمارڪس

January 4, 2017 at 7:51 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاناما ليڪس جي ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته قطري خط وزير اعظم نه پر سندس ٻارن پيش ڪيو. ان موقعي تي تحريڪ انصاف جي وڪيل نعيم بخاري چيو ته ٻڌايو ويو ته ميان شريف سيڙپڪاري ڪئي جا حسين نواز کي منتقل ڪئي وئي جنهن تي جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته وزير اعظم ڪنهن خطاب ۽ جواب ۾ قطري سيڙپڪاري جو ذڪر ناهي ڪيو، نعيم بخاري عدالت کي ٻڌايو ته وزير اعظم ۽ ٻارن جي موقف ۾ فرق آهي، ٻارن چيو ته گلف اسٽيل مل کان پوءِ قطر ۾ سيڙپڪاري ڪئي وئي پر وزير اعظم چيو ته گلف اسٽيل مل کان پوءِ جد سٽي مل خريدي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته جائيداد ميان شريف جي هئي ته ورهاست سڀني جي لاءِ ٿيڻ گهرجي ها ۽ جيڪڏهن ميان شريف جي ڪا به وصيت هئي ته اها به سامهون اچڻ گهرجي. عدالت چيو ته قطري شهري جو خط وزير اعظم جي ٻارن جمع ڪرايو جنهن تي نعيم بخاري چيو ته پوءِ قطري شهري جو معاملو وزير اعظم جي ٻارن سامهون آندو. جسٽس گلزار سوال ڪيو ته دبئي ۽ قطر جي ڪاروبار جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي، جنهن تي نعيم بخاري چيو ته ٻنهي ۾ خانداني دوستي گڏيل آهي ۽ قطر کان لنڊن تائين ڪو به بينڪ ٽرانزيشن موجود ناهي. جسٽس اعجاز پڇاڻو ڪيو ته ڇا قطر ۾ سيڙپڪاري جو ڪو به ريڪارڊ موجود آهي ته نعيم الحق ٻڌايو ته قطر ۾ ٿيل سيڙپڪاري جو ڪو به رڪارڊ موجود ناهي. سپريم ڪورٽ عدالتي اڱڻ ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جي تقرير تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. جسٽس آصف سعيد کوسا جو چوڻ هو ته عدالت جي اڱ کي سياسي ميدان نه بڻايو وڃي. پاناما ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت حڪم نامو جاري ڪندي چيو ته ڌريون ميڊيا جي سامهون ڪيس تي ڳالهيون نه ڪن پر ان جي باوجود تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري عدالتي اڱڻ ۾ اڄوڪي ٻڌڻي بابت ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن تي سپريم ڪورت ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته عدالت جي اڱڻ کي سياسي ميدان نه بڻايو وڃي ۽ ڳالهه ٻولهه ۾ سٺن لفظن جي چونڊ ڪئي وڃي.

اي پيپر