فوجي مشقن مقصد حاصل ڪري ورتا آهن، دشمن کي ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون:آرمي چيف
November 9, 2016 at 5:35 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو آهي ته فوجي مشقن مقصد حاصل ڪري ورتا آهن، دشمن کي ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. کاريان ۾ آرمي چيف فوجي مشقن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ جوانن کي خطاب ڪندي چيو ته مشقن سان اسان جو اعتماد وڌيو آهي، هٿياربند فوج دشمن جي ڪنهن به سازش يا وار کي ڀرپور طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. جنرل راحيل شريف چيو ته دشمن کي اسٽريٽجڪ غلطي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو، مشڪل وقت باوجود اسان جي صلاحيتن کي پوري دنيا ۾ تسليم ڪيو وڃي ٿو. هٿياربند فوج جي عزم، همت ۽ ڪارنامن کي پوري دنيا ۾ ساراهيو ويندو آهي، فوجي مشقن جي تيارين تي مڪمل اعتماد آهي، حوصلو وڌيو آهي. اسان پاڻ کي دشمن جي ڪنهن به قسم جي سازش کي منهن ڏيڻ ۽ ملڪ دشمن عنصرن خاص طور سرحد تي دهشتگردي جو جواب ڏيڻ لاءِ تيار رکي ڇڏيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل راحيل شريف کاريان ويجهو فيلڊ ايريا ۾ رات گذاري، سينٽرل ڪمانڊ جي رات ۽ ڏينهن جي آپريشنز جو معائنو ڪيو جنرل راحيل شريف کي سينٽرل ڪمانڊ جي دوري دوران آپريشنز جي تيارين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، جنهن تي هن اطمينان جو اظهار ڪيو.