فريد ڀٽو آمريڪا ۾ انتهائي مصروف وقت مان به پنهنجي ٻولي ۽ ڌرتيءَ لاءِ وقت ڪڍي ٿو؛ادل سومرو

خيرپور (ڊ.ر) سنڌ  فريد ڀُٽو جي ساههَ ۽ سريرَ ۾ سمايل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار نامياري شاعر ادل سومري، آمريڪا مان پنهنجي ديس ڪهي آيل نامياري ليکڪ فريد ڀُٽو سان رچايل رهاڻ کي خطاب ڪندي چيو. پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران، جيم خانه ڪلب خيرپور ۾ منعقد ڪيل هن تقريبَ کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته، فريد ڀٽو آمريڪا ۾ انتهائي مصروف وقت مان به پنهنجي ٻولي ۽ ڌرتيءَ لاءِ وقت ڪڍي ٿو. هو پنهنجي مٽن مائٽن، دوستن سان مستقل جڙيل رهي ٿو. اها سندس شخصي وڏائي آهي. نامياري شاعر ايازگل چيو ته فريد ڀٽو سان ورهين جو دوستيءَ وارو تعلق آهي. ماضيءَ ۾ هو کاٻي ڌُر جي سياست ۾ متحرڪ رهيو، پر سنڌ سندس پهرين ايجنڊا آهي، پروفيسر شاهه محمد لهراڻيءَ چيو ته فريد، آمريڪا ۾ رهندي، پنهنجين لکينڻ ۽ ٻين سرگرمين ذريعي سنڌ جي نوجوانن لاءِ تعليم ۽ روزگار سانگي ٻاهر نڪرڻ جا رستا هموار ڪري رهيو آهي. مير منور ٽالپر چيو ته فريد سنڌ جي هاڻوڪي نسل لاءِ هڪ رول ماڊل آهي. هو هڪ ئي وقت سائنسدان به آهي ته سهڻن لفظن جو تخليقڪار پڻ. ڊاڪٽر مجيد چانڊيو چيو ته فريد جا آمريڪا جي صدارتي چونڊن جي پس منظر ۾ لکيل تجزياتي ڪالم انتهائي اهم آهن. هُو بين الاقوامي سياسي لاهن چاڙهن تي گهري نگاهه رکندڙ ليکڪ آهي. فريد ڀٽو هن موقعي تي چيو ته اسين جتي به هجون اسان جو ساههُ سنڌ ۾ اٽڪيل هجي ٿو. هن چيو ته آمريڪا ۾ رهندي به منهنجو گهر سنڌ جي ثقافت جو عڪس آهي. اسان آمريڪا ۾ سنڌين کي هڪ لڙيءَ ۾ پوئيو آهي. مان پنهنجي ٻارن ۽ دوستن جي ٻارن کي آمريڪا ۾ رهندي به سنڌي ڳالهائڻ جي تلقين ڪندو آهيان. تقريب جي ميزبان قربان منگيءَ چيو ته سنڌ ٻالڪ سنگت، ڪل سنڌ ٻالڪ ميلن ۽ ٻارن جي رسالي ”پوپٽ“ جي سفر ۾ فريد منهنجو هر قدم تي سهڪاري رهيو هُو هڪ مخلص دوست آهي. آمريڪا ۾ رهندي سندس گهر اڄ به سنڌ واسين لاءِ آجيان ۾ کليل رهي ٿو. جيم خانه ڪلب جي اڳواڻ خان محمد خان چيو ته فريد ڀٽو، روٽري ڪلب ۽ جيم خانه ڪلب خيرپور کي سرگرم ۽ متحرڪ رکڻ وارو اڳواڻ رهيو آهي.ا سان کيس هتي هر قدم تي ياد ڪندا آهيون. امر اقبال چيو ته فريد ڀٽو ٻوليءَ سان ايترو پيار ٿو ڪري جو سندس خواهش هوندي آهي ته ”پوپٽ“ پاران ڇپجندڙ ڪتابن جي آخري پروف تي هُو نظر وجھي. هو هر سال پنهنجي گهر ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين کي سڏي آن لائن مشاعرو ڪرائيندو آهي. خواجه ذوالفقار چيو ته فريد سان ورهين جو تعلق آهي. هو جتي به رهيو آهي سماج ۾ رنگ ڀرڻ جا جتن ڪيا اٿائين. هو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو عاشق آهي. ڊاڪٽر اعجاز گاجاڻيءَ چيو ته فريد ڀٽو هڪ مخلص دوست ۽ اجتماعي درد رکندڙ ليکڪ آهي. اسان کي سندس دوستيءَ تي فخر آهي. محمود سومري چيو ته فريد بنيادي طرح ڪهاڻيڪار آهي. پر سندس تجزياتي ڪالمَ سندس ڏاهپ جو حوالو بڻجي ويا آهن. مقصود مهيسر چيو ته فريد ڀٽو سنڌ جي مٽيءَ مان ڳوهيل محبت جو مجسمو آهي. جنهن جي ڪردار تي اسان کي فخر آهي. ڪهاڻيڪار منظور لاڙڪ چيو ته فريد ڀٽو آمريڪا ۾ رهندي سنڌ جو تهذيبي سفير بنجي ڪم ڪري رهيو آهي. ادب، سياست، سماجي خدمت، ڪيرئر ڪائونسلنگ سندس شانائتي شخصيت جا حوالا آهن. ڊاڪٽر مراد خميساڻيءَ چيو ته فريد ڀٽو اعليٰ قلمڪارُ ۽ اعليٰ دوست آهي. سڀني جو خير گهرڻ، سڀني جي ڪم اچڻ سندس وڙ رهيو آهي. ضمير لاشاريءَ چيو ته فريد ڀٽو اڄ به پنهنجي ڪم ۽ ڪردار جي حوالي سان ڪنهن نوجوان جي ڏِکَ ڏئي ٿو. هو ٿڪجي نه ٿو ۽ پنهنجي ديس ۽ ديس واسين لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪندو رهي ٿو. تقريب ۾ لعل بخش منگي، راڳي عبدالغفور سومرو، ابراهيم کرل، هاشم ڀٽي، پروفيسر غلام قادر ڦلپوٽو، نثار سومرو، پروفيسر عزيز اڄڻ، پروفيسر عبدالسلام شيخ، ڊاڪٽر عاشق چنا،خادم ڪلهوڙو،شاهد نواز سيال، فهيم يحيٰ ڀٽو، ڊاڪٽر آفتاب لاشاري، مير صوبدار سعيد، حزب الله اءِ سومرو، عزيز ميمڻ، شريف عباسي، فياض عباسي، آصف نظاماڻي، صلاح شيخ، طارق مهيسر، انور چنا، ڊاڪٽر سليم ڀٽو، آغا ظهير، خادم ڏهوٽ، امتياز ڦلپوٽو، ڊاڪٽر قيوم سهتو، ڊآڪٽر الهورايو پنهيار سميت علم، ادب، فن ۽ ثقافت سان لاڳاپيل مهمانن جي وڏي انگ هن تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ فريد ڀٽو کي اجرڪن، ڪتابن، گلن جا تحفا ۽ ٻيون سوکڙيون پيش ڪيون.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *