فاٽا سڌارن تي اسان کي ڪو اعتراض ناهي: فضل الرحمان

May 18, 2017 at 8:22 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (بيورو): جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته قومي ايئر لائن جي جهاز مان منشيات هٿ اچڻ شرمندگي جو سبب آهي ۽ ان حوالي سان گهرو وزارت کي قدم کڻڻا پوندا، لوڊشيڊنگ فني معاملو آهي، جيڪي ڳالهيون سنجيدگيءَ سان طئي ٿي وڃن، انهن تي عمل ٿيڻ گهرجي، فاٽا سڌارن تي اسان کي ڪو اعتراض ناهي، چاهيون ٿا ته فاٽا جي عوام جي راءِ موجب سڌارا ڪيا وڃن ته بهتر ٿيندو‏، پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته پي آءِ اي جي جهاز مان منشيات هٿ اچڻ ملڪ ۽ قوم لاءِ شرمندگي جو سبب بڻيو، ادارن کي ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ته ڪيئن منشيات هيٿرو ايئرپورت تائين پهتي، هن چيو ته ان حوالي سان گهرو وزارت کي خاص طور تي حرڪت ۾ اچڻ گهرجي، مولانا فضل الرحمان چيو ته لوڊشيڊنگ فني معاملو آهي ۽ ان جو تعلق وسيلن سان آهي، حڪومت سان گڏوگڏ عوام کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، عوام وقت سر بل ادا ڪري، ڪنڊا نه لڳائي، ان مسئلي تي عوام کي سهولت ملڻ گهرجي، هڪ سوال تي هن چيو ته فاٽا سڌارن تي اسان کي ڪو اعتراض ناهي، اسان چاهيون ٿا ته فاٽا جي عوام جي راءِ موجب سڌارا ڪيا وڃن ته وڌيڪ بهتر ٿيندو، فاٽا جي هر ايجنسي جو رواج ايڪٽ پنهنجو آهي، اسان چاهيون ٿا ته شريعت ايڪٽ نافذ ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته وفاقي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سان فاٽا سڌارن بابت منهنجون ملاقاتون ناهن ٿيون ۽ ڪا ڳالهه طئي ناهي ٿي، مولانا فضل الرحمان چيو ته افغانستان سان گڏ مليل بارڊر جي سڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته ٻئي ملڪ هڪ ٻئي تي دهشتگردن جي آمدرفت جا الزام لڳائي رهيا آهن، هن چيو ته سي پيڪ قومي منصوبو آهي، ان جي سڪيورٽي کي يقيني بڻايو ويو آهي، هن چوي ته اسان سان گڏ ويهي جيڪي معاهدا ڪيا ويا، انهن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.

اي پيپر