غير قانوني اثاثن جي ڪيس ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار تي فرد جرم لاڳو

September 28, 2017 at 8:09 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد(بيورو ) احتساب عدالت غير قانوني اثاثن جي ڪيس ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدار ڏوهه جو اعتراف ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو جتي مٿس غير قانوني اثاثن جي ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو. احتساب عدالت جي جج محمد بشير الزام پڙهي ٻڌايا پر ناڻي واري وزير ڏوهه جو اعتراف ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جي الزام کي غلط قرار ڏنو. هن چيو ته مٿس آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ جو الزام بي بنياد آهي تنهن ڪري مان پاڻ تي لڳل الزامن جو دفاع ڪندس ۽ بيگناهي ثابت ڪندس. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي پيشيءَ جي موقعي تي حفاظتي انتظام سخت ڪيا ويا، جڏهن هت عدالت ٻاهران پيهه سبب بدانتظامي کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. صحافين، ميڊيا جي نمائندن ۽ وڪيلن کي پوليس عدالت ٻاهران ئي روڪي ڇڏيو. بدانتظامي سبب اسحاق ڊار پويان در کان احتساب عدالت ۾ داخل ٿيو. نيب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل سردار مظفر عباسي ۽ اسپيشل پراسيڪيوٽر عمران شفيق کي به پوليس اندر وڃڻ کان روڪي ڇڏيو پر ٿورڙي دير کانپوءِ کيس اند ر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي.

اي پيپر