عوام ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلم تي خاموش نٿو رهي سگهي؛آرمي چيف
May 1, 2017 at 7:35 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
راولپنڊي (اين اين آءِ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته عوام ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلم تي خاموش نٿو رهي سگهي، حق لاءِ ڪشميرين سان گڏ آهيون، ڪشميرين کي بنا خوف ۽ جبر جي زندگي گذارڻ جو حق آهي، پاڪستان لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي خلاف ورزين جو ڀرپور جواب ڏيندو، آچر تي آءِ ايس پي آر موجب جاري بيان موجب آرمي چيف لائين آف ڪنٽرول تي حاجي پير سيڪٽر جو دورو ڪيو جتي هن ڀارت پاران لائين آف ڪنٽرل جي خلاف ورزين تي بريفنگ ڏني وڃي، هن چيو ته عوام ڪشميرين تي ڀارتي ظلم خلاف خاموش ويهي نٿو سگهي، هن چيو ته ڀارت ايل او سي، ورڪنگ بائونڊري ۽ پاڪستاني ڳوٺن تي مسلسل جارحيت ڪري رهيو آهي، پاڪستان ڪشمير ۾ ٻارڙن ۽ عورتن تي ظلم کان اڻڄاڻ نه آهي، ان موقعي تي آرمي چيف کي فارميشنز جي آپريشنل تيارين تي بريفنگ ڏني وئي، هن آپريشنل تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ايل او سي تي مقرر جوانن جي جذبي جي تعريف ڪئي.