عوامي ورڪرزپارٽي پاران نصيرآباد ۾ ليبر ڪانفرنس منعقد،مزدورن جي اتحاد کانسواءِ کين حق نه ملندا؛روشن ڪلهوڙو
February 10, 2017 at 11:59 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
نصيرآباد ( رپورٽ؛حافظ عاشق ڦلپوٽو ) عوامي ورڪرزپارٽي سنڌ ۽ پاڪستان ٽريڊ يونين فيڊريشن پاران نصيرآباد ۾ ليبر ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ عوامي ورڪرزپارٽي جي ڪارڪنن ۽ پاڪستان ٽريڊ يونين فيڊريشن جي ورڪرن کان علاوه نصيرآباد شهر جي مختلف سياسي سماجي ادبي تنظيمن ۽ پوهيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، ان موقعي تي ليبر ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پاڪستان ٽريڊ يونين فيڊريشن جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ روشن علي ڪلهوڙو چيو ته مزدورن جي اتحاد کانسواء کين حق نه ملندا جيستائين مزدور گڏ نه ٿيندا ۽ جدوجهد جو رستو اختيار نه ڪندا ان وقت تائين ظلم ۽ استحصال جي چڪي ۾ پيسجندا رهندا پاڪستان ٽريڊ يونين فيڊريشن پورهتن جي اتحاد ۽ جدوجهد جو هڪڙو زبردست پليٽ فارم آهي جنهن تي مزدورن کي گڏجڻ ۽ پنهنجي حقن جي حاصلات جي لاء جدوجهد ڪرڻ گھرجي ليبر ڊپارٽمينٽ پنهنجو قبلو درست ڪري مزدورن بدران رشوت ڏيندڙ۽ وٺندڙ بدعنوان ۽ جعلي ٽريڊ يونين ليڊرن کي لاڙڪاڻي جي ليبر ڪالوني ۾ فليٽ ڏنا ويا آهن ڏاج جا فارم ۽ فوتي مزدورن لاء ڊيٿ گرانٽ غير پورهيت ۽ منپسند ماڻهن کي ڏنا پيا وڃن اهڙيون بيقاعدگيون بند نه ڪيون ويون ته ليبر ڊپارٽمينٽ جي ڪامورن جي رستي روڪ ڪنداسين ان موقعي تي عوامي ورڪرزپارٽي جي مرڪزي صدر فانوس گجر مک مهمان جي حيثيت ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جا حڪمران عوام دشمن آهن مختلف اٽڪلن سان عوام جو استحصال ڪندا رهن ٿا عوام جڏنهن مسلم ليگ منجھان بيزار ٿي وڃي ٿو ته پيپلزپارٽي کي اقتدار سونپيو وڃي ٿو پر جيڪڏنهن ماڻهون پيپلزپارٽي جي ظلم کان تنگ ٿي پون ٿا ته کين تحريڪ انصاف جي چونپڙي چٽائڻ جي تياري ڪئي وڃي ٿي پر حقيقت اها آهي ته اهي سڀ پارٽيون هڪڙي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيون آهن اه ايجندا آهي عوام جو اگھاڙو ۽ شديد استحصال ڪرڻ عوامي ورڪرز پارٽي انهن سڀني حڪمران پارٽين جي ابتڙ هن ملڪ ۾ بنيادي سماجي تبديلي جي لاء سياست رڪارڊ ڪري رهي آهي پاڪستان جي مخصوص صورتحال کي نظر ۾ رکندي سياست ڪري رهيا آهيون هن ملڪ جي پورهيت عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي خواب جي تعبير جي لاء جدوجهد ڪري رهيا آهيون ملڪ ۾ سي پيڪ سميت سمورن ترقياتي منصوبن کي خدشن سميت ڀليڪار چئون ٿا مقامي ماڻهون جي بيدخلي بيروزگاري لاوارثي تي خاموش نٿا ويهي سگھون منشيات جا واپاري ۽ قاتل ۽ رهزن ته آجا آهن پر جمهوري تبقاطي سياسي معاشي مطالبن سياسي جدوجهد ڪندڙ ڪارڪنن کي کنبيو پيو وڃي ۽ سندن چچريل مسخ شده لاش اڇلايا پيا وڃن ڪانفرنس کي خطاب عوامي ورڪرز پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ اختر حسين چيو ته پاڪستاني معاشرو ڏاڍو منجھيل ۽ گھڻ رخو معاشرو آهي جنهن ۾ جاگيرداري باقيات ۽ قبائلي واقيات به موجود آهي ۽ سرمائيداري به ڪم ڪري پئي هن چيو ته آدمشماري ۾ اهي ماڻهون نه ڳڻيا وڃن جيڪي برما بنگال ۽ افغانستان ۽ ٻين ملڪن منجھا ن اچي غيرقانوني طور تي سنڌ ۾ ترسيل آهن آدمشماري جي معاملي تي سنڌ بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه سميت پاڪستان ۾ رهندڙ پنجن ئي قومي آقائن کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري آهي عوامي ورڪرز پارٽي هن ملڪ گھڻ قومي سمجھي ٿي جتي استحصال ۽ جبر جي ٻين سمورن شڪلن سان گڏوگڏ قومي جبر ۽ استحصال پڻ موجود آهي جنهجي خاتمي جي لاء ڀرپور جدوجهد ڪري رهيا آهيون عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي صدر ڪامريڊ بخشل ٿلهي چيو ته عورتن کي سياست جو حصو بنائڻ جي لاء عوامي ورڪرز پارٽي ڀرپور جدوجهد ڪئي آهي جنهجي نتيجي طور اڄوڪي هن ڪانفرنس ۾ عورتن جي وڏي تعداد ۾ شرڪت نظر اچي رهي آهي هن وڌيڪ چيو ته عوام جي تقدير بدلائڻ جي لاء عوام منجھان حڪمراني ۽ اڳواڻي پيدا ڪرڻي پوندي حڪمران طبقن منجھان ڪوبه فائدو پوڻو ناهي ليبر ڪانفرنس کي عوامي ورڪرز پارٽي جي مرڪزي آرگنائيزنگ سيڪريٽري جاويد اختر مرڪزي ليبر سيڪريٽري صفدر سنڌو مرڪزي عورت سيڪريٽري عاليه بخشل جھونو سياسي اڳواڻ صوفي عبدالخالق بلوچ عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي اڳواڻ لطيف لغاري اثر امام يونس راهو سينگار نوناري ذوالفقار بروهي ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي اڳواڻ ڪامريڊ غلام پيرزادو عوامي جمهوري پارٽي جو اڳواڻ وشنومل جيئي سنڌ آريسر جي ننگر چنا جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي اڳواڻ هاشم کوسو پاڪستان ٽريڊ يونين فيڊريشن جي اڳواڻ عارف اياز منير ڪنڀر عزيز ڪلهوڙو مرتضا ڪورائي سنڌي ادبي سنگت جي بشير نوناري ۽ ٻين ڪانفرنس کي خطان ڪيو پروگرام ۾ انقلابي گيت نظم ۽ فڪري خاڪا ٽيبلا پڻ پيش ڪيا ويا