عمري جي سعادت کانپوءِ واپس ايندڙ خاندان جي گاڏي سان ڄامشورو ڀرسان حادثو،8 ماڻهو مري ويا
November 28, 2017 at 2:53 amڄامشورو (رپورٽ : حاڪم چانڊيو) ڄامشوري ۾ نوري آباد لڳ موٽر وي ايم نائن تي وين ۽ ٽرالر ۾ خطرناڪ ٽڪر سبب چئن عورتن ۽ ٻن ڀائرن سميت 8 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ ٻن ٻاررن سميت 5 ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا آهن. موٽر وي ايم 9 تي نوري آباد ويجهو ويجهو ڪراچي مان ايندڙ تيز رفتار وين جي ايف 7217 اڳيان ويندڙ ٽرالر جي ايل اي 547 سان پويان کان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾8 ماڻهو فوت ۽ 5 زخمي ٿي ويا، جن ۾2 ڀائر ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ تنيو، علي محمد پٽ شاهه محمد تنيو، 10ورهين جو شاهه محمد پٽ غلام مصطفيٰ تنيو، وين ڊرائيور روهڙي واسي غلام حيدر پٽ قاسم علي سنجراڻي ۽4 عورتون 30 ورهين جي زاهده زال خالد حسين، 45 ورهين جي سڪينا زال عبدالستار، 38 ورهين جي مهرين زال علي محمد ۽ 40 سالن جي ريحانا موقعي تي اجل جو شڪار ٿي ويا. جڏهن ته ٻن ٻارڙن سميت 5 ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن ۾ ٻه معصوم ڀيڻ ڀاءُ ذيشان ۽ ندا فاطمه ولديت احمد علي تنيو، آمنا زال محمد صفر، ليلا زال ثاقت علي، نازش زال غلام مرتضيٰ شامل آهن، زخمين مان ٻن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي. حادثي جي اطلاع تي نوري آباد پوليس ۽ ايڌي رضاڪارن پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال حيدرآباد پهچايو ويو آهي ، نوري آباد پوليس موجب حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو آهي، جڏهن ته وين ۾ سوار ماڻهو عمري جي ادائگي کان پوءِ ڪراچي کان نوشهروفيرو ضلعي جي پدعيدن لڳ ڳوٺ ولي ڏنو تنيو وڃي رهيا هئا. حادثي جي اطلاع ملندي ئي ايس ايس پي ڄامشورو ۽ ٻيا حادثي واري هنڌ پهتا، جن امدادي ڪمن جي نگراني ڪئي. خوفناڪ حادثي جي اطلاع تي ايل ايم يو اسپتال ڄامشوري ۾ انتظاميه طرفان ايمرجنسي لاڳو ڪندي ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل عملي کي فوري طور تي طلب ڪيو ويو ۽ ضروري دوائون ايمرجنسي وارڊ ۾ پهچايون ويون هيون،