عمران خان نااهلي ڪيس: جمائما کي قرض جي ادائيگيءَ جون پڪيون شاهديون طلب

September 29, 2017 at 8:29 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد( بيورو ) سپريم ڪورٽ عمران خان جي نااهلي بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران جمائما خان کي لکيل خطن بدران رقم جي منتقلي جون پڪيون شاهديون طلب ڪري ورتيون آهن. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءِ ۾ 3 رڪني بئنچ عمران خان جي نااهلي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عمران خان جي وڪيل نعيم بخاري دليل ڏيندي چيو ته گذريل ٻڌڻي دوران عدالت 2 سوال اٿاريا هئا، هڪ سوال بئنڪ ۾ موجود 75 هزار پائونڊ ڊالر ظاهر ڪرڻ بابت هو، عدالت ظاهر ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي نتيجي اهو به سوال اٿاريو ته جڏهن ايف بي آڙ کي جمع ڪرايل اسٽيٽمينٽ سان اليڪشن ڪميشن جو تعلق ناهي، اڪائونٽس ۾ رقم جو معاملو ايف بي آر جو معاملو هو. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته 75 هزار پائونڊ جي رقم اڪائونٽ ۾ موجود هئي، سوال اهو آهي ته 75 هزار پائونڊ عمران خان جا اثاثا نه هئا، نعيم بخاري چيو ته 65 لک جي رقم جمائما کي تحفي ۾ ڏيڻ جي ترديد نه ڪئي وئي، جڏهن ته درخواست بني گالا ايراضي ۾ ٽيڪس چوريءَ جو به الزام هنيو هو.  چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته لکت جواب ۾ چيو ويو ته جمائما کي 65 لک تحفو ڪيا، اڄ توهان نئون موقف اختيار ڪري رهيا آهيو، بيان حلفي ۾ به توهان جو موقف مختلف  هو، 65 لک جمائما کي تحفي ۾ ڏيڻ جو موقف پهرين جواب ۽ بيان حلفي ۾ نه ورتو ويو جڏهن ته توهان قبول ڪيو ته جمائما زمين خريد ڪرڻ لاءِ قرض ورتو. نعيم بخاري چيو ته ڪنهن ٻي کان قرض وٺڻ ۽ گهر واري کان قرض وٺڻ ۾ فرق آهي. چيف جسٽس چيو ته الزام آهي ته ايراضي ڪاري ناڻي مان خريد ڪئي وئي، حقيقت ۾ اسان توهان کان بئنڪ اڪائونٽ ذريعي منتقلي جو رڪارڊ گهري رهيا آهيون. ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل نعيم بخاري دليل مڪمل ڪري ورتا، جنهن بعد حنيف عباسي جو وڪيل اڪرم شيخ اڱاري تي دليل ڏيندو.

اي پيپر