عمران خان جي اڄوڪي تقرير کان پوءِ مٿس رحم اچي رهيو آهي: مريم اورنگزيب

January 29, 2017 at 11:59 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد(م ڊ) سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب عمران خان جي جلسي تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته خان صاحب اهو جلسو آهي يا ڪارنر ميٽنگ، ماڻهو گڏ ڪرڻ ۾ ڏکيائي اچي رهي آهي ته خواجا آصف ۽ خواجا سعد رفيق کي مدد جي لاءِ موڪلي سگهون ٿا. عمران خان جي تقرير جو جواب ڏيندي مريم اورنگزيب چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي اڄوڪي تقرير کان پوءِ ان تي رحم اچي رهيو آهي، هو هڪ سياسي پارٽي جو ليڊر آهي، هن کي ذميواراڻو بيان ڏيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان هڪ منفرد ملڪ جي طور تي سڄي دنيا ۾ اڀري رهيو آهي جڏهن ته عمران خان جي واتان اهي لفظ نڪري رهيا آهن ته پاڪستان جو ڏيوالو نڪري رهيو آهي.

اي پيپر