عمران خان جيڪي الزام لڳايا آهن انهن تي هن کي معافي وٺڻي پوندي:مريم اورنگزيب
January 18, 2017 at 12:08 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد(بيورو) ن ليگي اڳواڻ طلال چوڌري انڪشاف ڪيو آهي ته اڄ سپريم ڪورٽ ۾ عمران خان جي ويجهي ساٿي مون کي پاڻ ٻڌايو ته وزير اعظم نواز شريف اهو ڪيس کٽي چڪو آهي. وزير اعظم استثنيٰ گهري ها ته ڪيس اڄ سپريم ڪورٽ ۾ نه هلندو هجي ها. پاناما ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ مريم اورنگزيب سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي ن ليگي اڳواڻن چيو ته وزير اعظم عدالت کان استثنيٰ ناهي گهري ۽ نه ئي ڪڏهن گهرندو. اسان استثنيٰ تي يقين نٿا رکون ۽ چاهيون ٿا ته حقيقتن تي ڪيس جو فيصلو ٿئي. طلال چوڌري چيو ته 2018ع ۾ عوامي عدالت ۾ ڪلين چٽ کڻي وينداسين. عمران خان جي ويجهي ماڻهن مون کي پاڻ چيو ته توهان کي مبارڪ هجي توهان اهو ڪيس کٽي چڪا آهيو. هن چيو ته استثنيٰ گهرڻ ۽ نشاندهي ڪرڻ ۾ گهڻو فرق آهي. عمران خان هڪ ٻي معافي جي لاءِ تيار ٿي وڃي، عمران خان جيڪي الزام لڳايا آهن انهن تي هن کي معافي وٺڻي پوندي. ان موقعي تي مريم اورنگزيب چيو ته وزير اعظم پاڻ سپريم ڪورٽ کي ڪيس ٻڌڻ جو چيو تنهن هوندي عمران خان جي پنهنجي ذاتي درخواست ۾ فرق آهي. وزير اعظم استثنيٰ ناهي گهري.