عشرت العباد پيپلز پارٽي ۾ اچي ته کيس ڀيلڪار چونداسين: ناصر شاهه
February 14, 2017 at 7:57 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
سکر(بيورو) سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صوبائي وزير ٽرانسپورٽ ناصر شاهه جو چوڻ هو ته وقت سان گڏ عوام جي ذهنن ۾ تبديلي اچي رهي آهي. هاڻي عوام ۾ تمام گهڻو شعور اچي چڪو آهي. اسان کي منزل نه پر رهمنا کپي جا نعرا هڻڻ وارا هاڻي انهي رهنما کان پري ڀڄن پيا. هن وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر عشرت العباد ڪيتري عرصي کان سنڌ جو گورنر رهيو آهي انهي لاءِ ساڻس ملاقاتن جو سلسلو جاري آهي. جيڪڏهن هو پيپلز پارٽي ۾ اچي ٿو ته اسان کيس ڀليڪار چئون ٿا. ناصر شاهه وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف جي پنهنجي سياست آهي. هو صرف ڌرڻن واري سياست ڄاڻن ٿا، انهي جي ڪري ضمني چونڊن ۾ عوام پي ٽي آئي کي ڌڪو ڏيئي ڇڏيو. خيبرپختونخوا ۾ احستاب اداري شفاف جاچ ڏني ته ڊي جي کي ڪڍيو ويو. نجي ٽي وي جي ڪيمرامين جي قتل جي مذمت ڪندي صوبائي وزير جو چوڻ هو ته دهشتگرد علم، امن ۽ ترقي جا دشمن آهن هي ڪي عام ماڻهو نه آهن پر هنن تي پرڏيهي قوتن جو هٿ آهي. سنڌ حڪومت صحافي جي قتل تي ايڪشن کنيو آهي ۽ تمام جلد قاتل پڪڙيا ويندا.