عدليه خلاف بيان: عدالت پرويز مشرف خلاف ڪارروائيءَ جي درخواست رد ڪري ڇڏي

September 28, 2017 at 8:00 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

لاهور( م ڊ ) لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي عدليه مخالف بيان تي انٽرا ڪورٽ اپيل جو فيصلو ٻڌائيندي اڳوڻي ڊڪٽيٽرن خلاف ڪارروائي جي اپيل رد ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ اڳوڻي صدر جنرل رٽائر پرويز مشرف جي عدليه مخالف بيان تي توهين عدالت ڪارروائيءَ لاءِ داخل انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي ڪئي. هاءِ ڪورٽ بار جي اڳوڻي سيڪريٽري رانا اسدالله خان اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي عدليه مخالف بيان کي جواز بڻائي چئلينج ڪيو. اپيل ۾ موقف اخيار ڪيو ويو ته سنگل بئنچ اڳوڻي صدر پرويز مشرف خلاف درخواست کي حقيقتن جي ابتڙ نه ٻڌڻ جوڳو قرار ڏنو، اپيل ۾ نشاندهي ڪئي وئي ته پرويز  مشرف عدليه مخالف بيان ڏنو جيڪو توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو تنهن ڪري قانون واري وزارت معاملي جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي. درخواست ۾ چيو ويو ته گهرو وزارت اڳوڻي فوجي صدر جي انڪوائري ڪميٽيءَ ۾ پيشيءَ کي يقيني بڻائي. اپيل ۾ درخواست ڪئي وئي ته پرويز مشرف جي سياسي پارٽي آل پاڪستان مسلم ليگ تي پابندي لڳائي وڃي. عدالت پرويز مشرف خلاف درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.

اي پيپر