عالمي ادارا پ پ پ جي دور جي تعريف ڪري رهيا آهن: سينيٽر سليم مانڊوي والا
March 6, 2017 at 6:22 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي (اين اين آءِ) ناڻي واري اڳوڻي وزير سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو آهي ته عالمي ادارا پ پ پ جي دور جي تعريف ڪري رهيا آهن نواز حڪومت جا وزير نااهلي جي نئين تاريخ رقم ڪري رهيا آهن نواز حڪومت چئن سالن کان پوءِ به بجلي جي پيداوار وڌائڻ ۾ ناڪام ٿي ويئي آهي مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ پاور پلانٽس ناڪاره ٿي چڪا آهن هن چيو ته جرمن بئنڪ مسلم ليگ (ن) جي دعوائن جا پول کولي ڇڏيا آهن مسلم ليگ (ن) بجلي جي لوڊشيڊنگ تي ڪنٽرول ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي هن چيو ته پ پ پ جي دور ۾ لڳايل پاور پلانٽن مان بجلي پيدا ڪئي پئي وڃي. پ پ پ جي دور ۾ گئس کان سستي بجلي پيدا ٿي رهي هئي مسلم ليگ (ن) گئس مان هلندڙ پاور پلانٽن کي بند ڪري ڇڏيو آهي وفاقي حڪومت ايل اين جي کان مهانگي بجلي پيدا ڪري رهي آهي پ پ پ جي دور ۾ بجلي 6 رپيا في يونٽ ۾ پيدا ٿيندي هئي مسلم ليگ (ن) جي تجربي واري ٽيم اڄ 14 رپيا في يونٽ بجلي پيدا ڪري رهي آهي. نواز حڪومت پنهنجي ڪاميابين تي دهل وڄائڻ بند ڪري.