عائشه گلالئي جا الزام، اسپيڪر اياز صادق جاچ لاءِ پارلياماني ڪميٽي جي منظوري ڏئي ڇڏي

August 7, 2017 at 7:38 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد( بيورو ) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق عائشه گلالئي جي معاملي تي پارلياماني اخلاقيات ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪميٽي عائشه گلالئي ۽ عمران خان جي معاملي کي ڏسندي، جڏهن ته اها مستقل طور قائم ڪئي ويندي ۽ ايندڙ ٻن ڏينهن اندر قائم ڪئي ويندي. ڪميٽي 20 ميمبرن تي ٻڌل هوندي جنهن ۾ 13 حڪومتي ۽ ست اپوزيشن ميمبر شامل هوندا،  اها اخلاقيات ڪميٽي مستقل طور هوندي ۽ ڪنهن به ميمبر جي ٻي ميمبر خلاف شڪايت ٻڌندي. وزيراعظم شاهد خاقان عباسي قسم کڻڻ کانپوءِ پهرين قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ معاملي جي حل لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز ڏني.

اي پيپر