طارق فاطمي سان ڊينمارڪ جي سفير جي ملاقات، پاڪستان جو خوگوار لاڳاپن تي اعتماد جو اظهار

February 3, 2017 at 1:12 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڊينمارڪ (اين اين آءِ) وزيراعظم جي معاون خصوصي طارق فاطمي ڊينمار ۽ پاڪستان ۾ خوشگوار لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ معاشي واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي خميس تي ڊينمار جي سفير اولي ٿونڪي پرڏيهي آفيس ۾ وزيراعظم جي معاون خصوصي سيد طارق فاطمي سان ملاقات ڪئي سيد طارق فاطمي ٻنهي ملڪن سان خوشگوار لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٻطرفا لاڳاپا خاص طور تي معاشي واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي زور ڀريو هن سفير کي جمهوري ادارن جي استحڪام سميت معيشت ۽ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ پاڪستان جي ڪايمابين کان آگاهه ڪيو ۽ ٻطرفي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ سفير جي ڪردار جي ساراهه ڪئي هن اميد ظاهر ڪئي ته سفير اولي ٿونپي لاڳاپن ۾ واڌ لاءِ هن وقت تائين حاصل ٿيندڙ اڳڀرائي کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو. هن اسلام آباد ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي ٽيم سان تعاون تي وزيراعظم جي معاون خصوصي جا ٿورا مڃيا.

اي پيپر