ضلعي گهوٽڪي جون سياسي سرگرميون تيز ٿي ويون سڀ اهم شخصيتون پي پي پي ۾ شامل ۽ اندروني طريقي سان هڪ ٻئي جا مخالف بڻجي ويا

November 17, 2017 at 3:59 am

ڏهرڪي ( رپورٽ: وجي ڪمار ) ضلعي گهوٽڪي جون سياسي سرگرميون تيز ٿي ويون سڀ اهم شخصيتون پي پي پي ۾ شامل ۽ اندروني طريقي سان هڪ ٻئي جا مخالف بڻجي ويا جنهن کي پپلزپارٽي جي ٽڪيٽ نه ملي اهو پي پي پي جي بيٺل اميدوار سان مقابلو ڪندو ۽ پپلزپارٽي سان بيوفائي ڪندو مهر سردار سردار احمد علي خان پتافي سان هٿ ملائي مخالفت ختم ڪري ٺاھ ڪري ورتو ۽ ٻئي طرف خالد خان لنڊ جو مخالف بڻيل عبدالباري پتافي وري پنهنجي مخالفت ختم ڪري لنڊ سردارن سان هٿ ملائي مهر سردارن سان پراڻي دوستي کي ٽوڙي ڇڏي ۽ پي ايس 5 تي ڄام مهتاب ڏهر ۽ سردارشھريار خان شر ۾ به وچ ۾ ڪانٽي جو مقابلو ٿيڻ جو امڪان وڌي ويو ۽ پي ايس 7 تي سردار احمد علي پتافي ۽درگاھ ڀرچونڊي شريف جو گادي نشين سائين عبدالخالق وچ ۾ وڏو ٽاڪڙو ٿيندي نظر اچڻ لڳو آھي ۽ ضلعي گهوٽڪي جا سردار پنهنجي اڳواڻن کي هڪٻئي خلاف ڳالهيون ڪري پنهنجي ٽڪيٽ وٺڻ جي لاء ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون هاڻي ڏسڻو اهو آھي ته پپلزپارٽي ضلعي گهوٽڪي جون ٽڪيٽون ڪنهن کي ورهائڻ لاء ڪنهن سردار جي هٿ ۾ ٿي ڏي عوام پپلزپارٽي کي آزمائڻ چڪي آھي هاڻي سڀ نوجوان پي ٽي آء ۾ شامل ٿيڻ لڳا آھن خبروجب ضلعي گهوٽڪي جو سڀ اهم سردار پي پي پي ۾ شامل ٿيڻ باوجود به سياسي مخالفت ختم نه ڪئي ۽ هڪ ٻئي جا پير ڪڍڻ لاء سرگرم ٿي ويا پنهنجي اڳواڻن کي سيٺ حاصل ڪرڻ لاء هڪ ٻئي جي مخالفت جون ڳالهيون ٻڌائي پنهنجي سيٺ وٺڻ لاء ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون اليڪشن ويجهو ايندي سياسي ڪيلاڙي پنهنجي علائقن ۾ طوفاني دورا تيز ڪري ڇڏيا عوام اڳيان وري ڪوڙا واعدا ۽ قسمون کڻي عوام کي هڪ دفعو ڳالهيون ڪري ووٽ وٺڻَ لاء راضي ڪرڻ لڳا سياسي ڪيلاڙي پاڻ کي پي پي پي جو سچو سپاهي ثابت ڪرڻ لاء هڪٻئي مٿان الزامن جي بارش ڪري عوام اڳيان پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ لڳا ضلعي گهوٽڪي ۾ سياست ۾ تبديلي نظر اچڻ لڳي آھي ۽ سردار راجا خان مهر،سردار احمد علي خان پتافي جو مخالف بڻيل هو پر انهن ٻنهن وچ ۾ ٺاھ ٿي ويو آھي ۽ عبدالباري خان پتافي وري مهر سردارن کي ڇڏي پنهنجي مخالف سردار خالد خان لنڊ سان هٿ ملائي ورتو آھي ۽ پي ايس 7 تي وڏو مقابلو ڏسڻ وٽان ملڻ جو امڪان پي ايس 7 تي سردار احمد خان پتافي، ۽ درگاھ ڀرچونڊي شريف جو گادي نشين سائين عبدالخالق وچ ۾ مقابلو ٿيڻ جو امڪان ۽ واضع رهي ته گذريل اليڪشن ۾ به احمد خان پتافي درگاھ ڀرچونڊي شريف جو گادي نشين سائين عبدالخالق کان ڪجھ ووٽ وڌيڪ کڻي ايم پي اي جي ڪُرسي پنهنجي نالي ڪري ورتي هئي ۽ پي ايس 5 اوٻاوڙو تي به وڏو مقابلو ٿيندو پپلزپارٽي جواڳواڻ ڄام مهتاب ڏھر ۽ پي ٽي آء اڳواڻ  شھريار خان شر وچ ۾ سخت مقابلو ٿيندو ۽ ضلعي گهوٽڪي جي عوام پپلزپارٽي جي ڪوڙن واعدن مان تنگ اچي ڪري پي ٽي آء جي طرف لاڙو ڪري شموليت ڪرڻ لڳي آھي،

اي پيپر