صوبي اندر ڪنهن به امتحاني مرڪز تي انتظاميه جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي: وڏو وزير

May 9, 2017 at 1:02 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي (ہہ هه آ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لاڳاپيل آفيسرن تي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن اوهان ڪاپي ڪلچر جي روڪٿام نه ٿا ڪري سگهو ته امتحان ڪرائڻ جي ضرورت ڪونهي، شاگردن کي ايئن ئي پاس ڪري ڇڏيو. اهڙن خيالن جو اظهار اڄ هن وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪوٺايل ڪاپي ڪلچر جي روڪٿام بابت هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ تعليم کاتي جو صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت، سيڪريٽري يونيورسٽيز ۽ بورڊ نويد شيخ، سيڪريٽري ڪاليجز پرويز سيهڙ، ايڊيشنل آئي جي CTD ثناءُ الله عباسي، ايڊيشنل آئي جي ڪراچي مشتاق مهر، چيئرمين بورڊ پروفيسر انعام احمد، ڊي آئي جي CTD نويد خواجه ۽ ٻين لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاه اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ته پيپرن جي ڇپائي ۽ ورڇ واري ڪم جي نگراني ضلعي انتظاميه ۽ پوليس گڏجي ڪندا. استادن سان گڏوگڏ شاگردن کي امتحاني مرڪزن تي اسمارٽ فون کڻي اچڻ جي هرگز اجازت نه هوندي. سنڌ جي سمورن امتحاني مرڪزن تي مڪمل سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته سڀني امتحان مرڪزن تي ضلعي انتظاميه جي نگراني ۾ سوالن واري پيپرن جو لفافو کوليو ويندو. هن انتظاميه کي هدايت ڪندي چيو ته سنڌ جا سڀئي ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ مختيارڪار پنهنجي لاڳاپيل ضلعن جي امتحاني مرڪزن تي موجود هوندا. وڏي وزير سڀني لاڳاپيل بورڊ آفيسرن، تفتيشي عملي ۽ سپروائيزرن جا فون نمبر پڻ گهري ورتا. ۽ هن چيو ته صبح 8:30 کان ٻپهر 12:30 وچ ۾ فون جو استعمال ڪرڻ تي پابندي هوندي ۽ چيو ته خلاف ورزي ڪرڻ تي سخت ڪارووائي عمل ۾ آندي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته موبائيل فون بند رهڻ سان جديد ٽيڪنالاجي ذريعي پيپر آئوٽ ٿيڻ جا امڪان گهٽجي ويندا. انهي غير قانوني عمل ۾ ڪابه مافيا ملوث هوندي ته انهيءَ خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. وڏي وزير سي ٽي ڊي کي هدايت ڪندي چيو ته مونکي جلد کان جلد سڀئي ملوث مافيا ۽ ٽولن کي جيل جي سلاخن اندر ڪري رپورٽ پيش ڪيو. سي ٽي ڊي وڏي وزير کي ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته ٽن گروپن تي ٻڌل ٽولا ڪاپي ڪرائڻ واري ڪڌي عمل ۾ ملوث آهن ۽ اسان گذريل رات کان انهن ملوث ٽولن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻون پيا. وڏي وزير چيو ته اڄ به ڪراچي ۾ پيپر آئوٽ ٿيڻ جون خبرون هلي رهيون آهن. منهنجي قوت برداشت جواب ڏئي رهي آهي مونکي هاڻي انهي عمل کي هر حال ۾ روڪڻو آهي. ڪراچي ۾ 118 امتحاني مرڪز آهن، مونکي هر مرڪز تي انتظاميه جو آفيسر گهرجي. سڀاڻ آئون پاڻ امتحاني مرڪزن جو دورو ڪندس جيڪڏهن مونکي ڪابه انتظامي يا سيڪيورٽي ڪوتاهي ڏسڻ ۾ آئي ته برداشت نه ڪندس. وڏي وزير اڄ کان ڪاپي ڪرائڻ وارن مافيا ۽ ٽولن خلاف آپريشن شروع ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ڪورنگي، لانڍي، سٽي ڪاليج ۽ بفرزون سينٽرن تي سخت نگراني ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ۽ 11 امتحاني مرڪزن جي تصديق ڪئي وئي آهي جنهن تي مافيا ٽولا سرگرم آهن. وڏي وزير انهن 11 حساس امتحاني مرڪزن تي خاص سيڪيورٽي انتظام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. وڏي وزير چيو ته صوبي اندر ڪنهن به امتحاني مرڪزن تي انتظاميه جي غفلت برداشت نه ڪندس. صوبي اندر امتحاني مرڪزن تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا وڃن. بعد ۾ وڏي وزير پنهنجي پرنسپل سيڪريٽري سهيل راجپوت کي اڄ جي ميٽنگ بابت سمورن ڪمشنرن کي هدايتون جاري ڪرڻ لاءِ چيو.

اي پيپر