صوبن ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ جو ذميوار نواز شريف آهي، ڪراچي ۾ هڪ طرفي ڪارروائي جو تاثر غلط آهي: مولابخش چانڊيو
November 8, 2016 at 5:46 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي (رپورٽر) اطلاعات بابت وڏي وزير جي صلاحڪار مولابخش چانڊيو چيو آهي ته ڪراچي ۾ گرفتاريون ڪنهن هڪ جماعت يا فرقي جي ماڻهن جون ناهن ٿيون جن تي الزام آهي انهن جون گرفتاريون ٿيون آهن، ڪنهن به هڪ جي مخالفت يا حمايت جو الزام درست ناهي. ڪالهه سنڌ ڪابينا جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته ڪراچي ۾ هڪطرفي ڪارروائي ٿي رهي آهي ۽ ڪنهن هڪ فرقي يا گروپ کي نشانو بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته ٻنهي مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ اهي اڳواڻ يا ڪارڪن جن جي باري ۾ دهشتگردي ۾ ملوث هجڻ جا ثبوت يا معلومات ملي آهي انهن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي. مولابخش چانڊيو چيو ته سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ٻيو معاملو نوڪرين تان پابندي هٽائڻ جي حوالي سان بحث هيٺ آيو جڏهن ته نوڪرين تان پابندي هٽائڻ جو اعلان ته اڳيئي ٿي چڪو آهي پر رولز آف پروسيجر کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪجهه ٽائيم لڳندو آهي. هن چيو ته ان حوالي سان سمورن کاتن کان تجويزون گهريون ويون آهن . هن چيو ته ننڍن صوبن جي حق تلفي ڪري وفاق کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي ، سي پيڪ کان وٺي اين ايف سي ايوارڊ تائين ننڍن صوبن جي خدشن کي ختم ڪرڻ گهرجي.