صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ پاڪستان مان ڪوڙه جو مرض ختم ڪندڙ جرمني جي ڊاڪٽر اوٿ فائو جي انتقال تي پنهنجي گهري ڏک جو اظهار

August 11, 2017 at 8:20 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

ڪراچي(هه آ) :سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ پاڪستان مان ڪوڙه جو مرض ختم ڪندڙ جرمني جي ڊاڪٽر اوٿ فائو جي انتقال تي پنهنجي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي. سيد ناصر حسين شاھ پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ الله تعاليٰ کان دعا ڪئي آهي ته مرحوم جي پوئنرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. هن پنهنجي پيغام ۾ ڊاڪٽر اوٿ فائو جي طبي خدمتن ۽ خاص ڪري ڪوڙه جي خاتمي لاءِ ڪيل بنيادي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته مرحوم ۾ مدر ٽريسا جهڙيون خوبيون هنيون انسانيت جي خدمت جي علمبردار هجڻ سان گڏوگڏ سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ ۽ ان کي هيٺين سطح تي فروغ ڏيڻ لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي، جيڪو سڀ کا وڏو اعزاز آهي. اهڙيون شخصيتون معاشري جي رهنمائي ڪنديون آهن. هن چيو ته انهن جي انتقال سان ان شعبي ۾ هڪ خال پيدا ٿيپو آهي جيڪو مشڪل سان ڀرجندو. صوبائي وزير کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو.

اي پيپر