صحت ۾ بهتري نه اچڻ باوجود محمد احمد مشوري کي ڏيهه واپس گهرائڻ جو فيصلو

June 9, 2017 at 10:55 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

واشنگٽن( م ڊ ) آمريڪا ۾ زير علاج سنڌ جو معصوم گل محمد احمد مشوري جي 27 فيروري تي آپريشن کان پوءِ حالت  بهتر نه ٿي سگهي پر گورنمينٽ هن کي هڪ هفتي کان پوءِ واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو انتهائي غلط ۽ معصوم جي زندگي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي.اسپتال انتظاميه جو چوڻ آهي ته احمد مشوري جي تقريبن سرجريون هلندڙ آهن جيڪي ڪڏهن ڪڏهن ايمرجنسي طور به ڪندا آهيون  هن کي هتي وڌيڪ رهائڻ جو حڪومت اپاءَ وٺي جيئن هن جي صحت جي باقاعدي صحتيابي تائين هتي علاج ممڪن بڻجي سگهي. سڄاڻ ڌرين جو چوڻ آهي ته  اسان محمد احمد مشوري جي والد سائين محمد راشد مشوري جي عرض سان هي اپيل ٿا ڪيون  لاڙڪاڻي جي معصوم گل محمد احمد مشوري جي علاج ۽ مڪمل صحتيابي تائين امريڪا ۾ رهائش جو بندوبست ڪيو وڃي.

اي پيپر