شڪارپور ۾ خوني ويڙهانڌ،نينگري سميت 12ڄڻا قتل، علائقو جنگ جو ميدان

شڪارپور(رپورٽ:عتيق ڌڪڙ) شڪارپور ۾ خوني ويڙهانڌ،شڪارپور خانپور لڳ فيضو ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين بڊاڻي ، ۽ سعدخاناڻي پاڻن ۾ پراڻي زمين جي مالڪي تان جهڙو فائرنگ گوليون لڳڻ سبب 12 ڄڻا قتل مارجي ويلن ۾ 2 عورتون 2 نينگريون سميت 12 ڄڻا قتل ٿي ويا ۽ 4 ڄڻا زخمي ڌريون مورچا بند فائرنگ جوسلسلوجاري جڏهن ت مارجي ويلن ۾ ڪشمير، اسلام،ڪانڊيرو، عبدالمجيد نينگري نائلا رضيه سميت ٻيا شامل هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي شڪارپور ايس ايس پي ذيشان صديقي ٻڌايو ته اسانکي 12 ڄڻن جي مارجڻ جا اطلاع آھن نفري واقعي واري هنڌ رواني ڪئي آھي جڏھن ت ڌرين ۾ ڇڪتاڻ بند ڪرائي لاش کڻائي پوسٽ مارٽم لاء اسپتال پهچايون ۽ زخمين جو اعلاج ڪرائي سگهون تڪرار پراڻي دشمني تان ٻڌايو وڃي ٿو جڏهن ته جهڙي ۾ هن محل تائين ٻنهي ڌرين جا 27 ڄڻا قتل ٿي چڪا آھن جهيڙي دوران جديد هٿيارن جو استعمال ٿيو آھي ته وارثن لاش کڻائي شڪارپور سول اسپتال پهچايا ويا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *