شڪارپور پوليس جون مختلف ٿاڻن تي ڪاروائيون 3 عورتن سميت 4 مغوي بازياب
March 14, 2017 at 6:48 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
شڪارپور(رپورٽ؛عتيق ڌڪڙ) شڪارپور پوليس جون مختلف ٿاڻن تي ڪاروائيون 3 عورتن سميت 4 مغوي بازياب ، 18، موبائيل فون، 55 هزار ڪيش،5 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعوا ايس ايس پي شڪارپور ذيشان شفيق صديقي، لکيدر ٿاڻي تي پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 17 سال اڳ رستم ٿاڻي جي حد مان 3 عورتن سميت 4 ڄڻا نامعلوم هٿيار بندن هٿان اغوا ٿي ويل مسمات زليخان،مسمات راڻي، مسمات خالقي،۽ قاسم دين شر کي رستم ٿاڻي جي ايس ايڇ او علي بيگ بجاراڻي پوليس اٽالا ساڻ ڪري ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن ڪري 4 مغوين کي بازياب ڪرائي 3 جوابدرن کي گرفتار ڪري ورتو،گرفتار ٿيلن ۾ الله بخش ڪوش،محمد خان ڪوش،۽ جمالدين ڪوش شامل ٻي پاسي لکي ٿاڻي جي حد ۾ 2 هفته اڳ موبائيلن جي دوڪان مان چوري ٿي ويل 18 ،موبائيل فون ۽ 55 هزار روڪ رقم هٿ ڪري 2 جوابدار شڪارپور جي مجيب باغ مان گرفتار ڪري ورتان گرفتارن ۾ علي گوهرلهر،۽ محمد شريف لهر شامل،ايس ايس پي زيشان صديقي وڌيڪ چيو ته شڪارپور ضلعي ۾ ڪرائم زيرو آهي شڪارپور ۾ امن مان جي صورتحال بهتر ڪرائي وئي آهي.