شڪارپور شهر جي اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد ۾ عورت جو لاش هٿ، گهٽو ڏيڻ جا نشان ، عورت جي مڙس تي قتل ڪرڻ جو الزام

شڪارپور ( ڊ . ر ) شڪارپور شهر جي اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد ۾ عورت جو لاش هٿ، گهٽو ڏيڻ جا نشان ، عورت جي مڙس تي قتل ڪرڻ جو الزام . تفصيل موجب : شڪارپور جي اسٽورٽ گنج ٿاڻي جي حد سويدر محلا ۾ پيرو گهنڃو جي گهر ۾ گذريل رات جو 37 ساله عورت شبنم ولد پيرو گهنڃو جو لاش پراسرا طور مليو ، گهٽو ڏيڻ جا نشان پاتا ويا بروقت پوليس کي اطلاع ڏنو ويو ، پوليس پهڇي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو جڏهن ته وارثن جو الزام آهي ته مقتوله شبنم کي ان جي مڙس سليم گهٽو ڏئي قتل ڪيو آهي ڇو ته هو ان تي تشدد ڪندو هو ۽ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏيندو هو ٻي طرف پوليس چيو آهي ته وارٿن جي اچڻ کان پوءِ ڪيس داخل ڪيو ويندو ، ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ جاچ ڪنداسين جڏهن ته معلوم ٿيو آهي ته مقتوله عورت پنهنجي مڙس کان ناراض ٿي پنهنجي بينر جي گهر رهندي هئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *