شيخ رشيد جو طاهر القادري سان رابطو، حڪومت خلاف جدوجهد تيز ڪرڻ تي اتفاق

لاهور (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد ڊاڪٽر طاهر القادري سان رابطو ڪري حڪومت خلاف جدوجهد تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. شيخ رشيد عوامي تحريڪ سربراهه طاهر القادري سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، جنهن ۾ ٻنهي ڄڻن جسٽس باقر نجفي رپورٽ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ان دوران شيخ رشيد ۽ طاهر القادري حڪومت خلاف جدوجهد تيز ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو. ان کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته رڳو طاهر القادري نه پر سڄي قوم ڌرڻو هڻندي، جيڪڏهن زرداري ۽ قادري اتحاد ٿيو ته سڄي ملڪ ۾ اپوزيشن جو ماحول ٺهندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *