شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جمهوريت جي علامت هو: آصف علي زرداري

لاهور(م ڊ) اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جمهوريت جي علامت هو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي آصف علي زرادري چيو ته عوام انتهاپسندين وارين سازشن ختم ڪرڻ جي لاءِ اتحاد پيدا ڪري، انتهاپسند رياست جو ڊانچو جمهوريت تبديل ڪندي آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ، جمهوريت ۽ مساوي نظام جي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته عوام جو اتحاد ذوالفقار علي ڀٽي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *