شهيد بينظير ڀٽو ڪيس ۾ انصاف نه مليو آهي، پارٽي ڪيس جي پوئيواري ڪندي: آصف زرداري

September 6, 2017 at 9:35 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

نوابشاهه(ڊ ر): ملڪ جي اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري نوابشاهه زرداري هائوس ۾ عيد ملن پارٽي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته شهيد راڻي محترما بينظير ڀٽو جي ڪيس ۾ انصاف نه مليو آهي، پارٽي ڪيس جي پوئيواري ڪندي ۽ عدالتن ذريعي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچرائيندي. انهي سلسلي ۾ آيل فيصلي کانپءِ عدالت ۾ اپيل پڻ داخل ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته پيپلز پارٽي جون پاڙون عوام ۾ آهن، ڏکيائين تڪليفن ۽ سازشن باوجود پيپلز پارٽي مضبوط بڻيل آهي. هن چيو ته پ پ ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ۽ جهموري نظام جي مضبوطي ۾ يقين رکي ٿي. آصف علي زرداري چيو ته نواز شريف پارليامينٽ کي اهميت نه ڏني ۽ جهموري نظام کي پنهنجي بادشاهت کي بچائڻ لاءِ ڪمزور ڪيو. هن چيو ته نواز شريف هر وقت پارليامينٽ کي نظر انداز ڪيو ۽ پارليامينٽ کي ڪڏهن به اهميت نه ڏني، جڏهن ته اسان پارليامينٽ ۽ جهموري نظام کي مضبوط ڪيو ۽ ملڪ جي خارجا پاليسي کي مضبوط بڻايو. هن چيو ته شهيد ذولفقار علي ڀٽو ۽ شهيد راڻي محترما بينظير ڀٽو جي واٽ تي هلندا رهنداسين ۽ سازشن باوجود پ پ هڪ ڀيرو ٻيهر عوام جي طاقت سان سوڀ حاصل ڪنداسين.

اي پيپر