شريف خاندان عمران خان کي رشوت جي ضرور آڇ ڪئي هوندي: اعتزاز احسن
April 28, 2017 at 11:50 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
لاهور (م ڊ): پيپلز پارٽي اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته ڪو شڪ ناهي شريف خاندان عمران خان کي 10 ارب رپين جي آڇ ڪئي هوندي ڇو ته سياسي مخالفن کي خريد ڪرڻ ن ليگ جو پيشو آهي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته شريف خاندان عمران خان کي 10 ارب رپين جي آڇ ضرور ڪئي هوندي، ڇو ته ماضي ۾ به اهي ماڻهو سياسي مخالفن کي خريد ڪندا رهيا آهن، اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته عمران خان ڪنهن مصلحت تحت آڇ ڪندڙ جو نالو نه وٺي رهيو آهي پر اهو معاملو عدالت ۾ هليو ويو ته پوءِ عمران خان کي ثبوت به ڏيڻا پوندا، سندس چوڻ هو ته پاناما جي فيصلي بعد وفاقي حڪومت عارضي طور تي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي آهي.