شروع ۾ ڪم کي سنجيدگيءَ سان نه ورتو، رڳو پئسا ڪمائڻ لاءِ فلمون ڪندو هئس: اڪشي ڪمار
January 27, 2017 at 11:31 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
بالي ووڊ جي مشهور اداڪار اڪشي ڪمار چيو آهي ته هو هڪ جنوني اداڪار آهي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب اڪشي ڪمار کي فلم انڊسٽريءَ ۾ ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ جو وقت ٿي ويو آهي. هن جو چوڻ آهي ته هن اداڪاري جي پيشي کي رڳو پئسا ڪمائڻ لاءِ چونڊيو هو، پر هن جو چوڻ آهي ته وقت سان گڏوگڏ هن پاڻ کي جنوني اداڪار بڻايو ۽ اها تبديلي سندس زندگيءَ ۾ ۱۹۹۹ع جي فلم ”سنگهرش“ سان آئي ۽ هن پنهنجي ڪم سان محبت ڪرڻ شروع ڪئي ۽ هاڻي هو هڪ جنوني اداڪار آهي. اڪشي چيو ته ايمانداري سان چوان ته آئون پاڻ کي خوش قسمت ٿو سمجهان جو آئون ان انڊسٽريءَ جو حصو آهيان. هن چيو ته ڪيريئر جي شروعات ۾ آئون پنهنجي ڪم کي سنجيدگيءَ سان نه وٺندو هوس، جڏهن هڪ سٺو بئنڪ بيلنس ٺاهي ورتو ان کان پوءِ خطرا کڻڻ شروع ڪري ڇڏيم. جيڪڏهن آئون پنهنجي ڪيريئر تي نظر وجهان ته فلم سنگهرش هڪ اداڪار طور منهنجو نظريو تبديل ڪري ڇڏيو.