سڄي ملڪ ۾ ۵۰ نيون اسپتالون تعمير ڪيون وينديون:نواز شريف

January 7, 2017 at 1:13 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد(بيورو)  وزيراعظم محمد نواز شريف صحت جي نگهداشت جي شعبي کي حڪومت جي اولين ترجيحن جو حصو قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ انتهائي غريب مريضن جي بهتري لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هو جمعي ڏينهن هتي ڪنگ حمد يونيورسٽي آف نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. شاهه بحرين جي ڀاءُ ۽ بحرين جي ڪمانڊر آف نيشنل گارڊ ليفٽيننٽ جنرل شيخ حمد بن عيسيٰ بن سلمان پڻ تقريب ۾ موجود هئا. ڪنگ حمد يونيورسٽي آف نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز بحرين پاران اهو تحفو آهي ۽ ان جو الحاق رائل ڪاليج آف سرجنز آئرلينڊ سان هوندو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ تربيت يافتا نرسنگ اينڊ ٽريننگ اسٽاف جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي بحرين جو اهو منصوبو صحت جي نگهداشت جي شعبي جي ان ضرورت کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته نرسنگ ڪيئر جي شعبي کي ماضي ۾ نظرانداز ڪرڻ سبب وڏا مسئلا درپيش آهن، ان لاءِ ان سلسلي ۾ سنجيده ڪوششن جي ضرورت آهي. وزيراعظم نواز شريف چيو ته ان منصوبي سان ملڪ ۾ نرسنگ جي پيشي جو معيار وڌندو ۽ اهو عالمي معيار تي پورو لهي سگهندو. هن ان منصوبي کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط دوستي جي علامت قرار ڏيندي ان جي لاءِ شاهه بحرين حمد بن عيسيٰ الخليفا جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم نرسنگ يونيورسٽي کي پاڪستان بحرين تعاون ۾ شاندار اضافو قرار ڏنو ۽ چيو ته حڪومت صحت جي شعبي جي ترقي لاءِ پرعزم آهي، ۲۰۱۵ع ۾ شروع ڪيل قومي صحت پروگرام تحت سڄي ملڪ ۾ ۵۰ نيون اسپتالون تعمير ڪيون وينديون. ان پروگرام مان ۱۰ ڪروڙ ماڻهو فائدو کڻندا.

اي پيپر