سڄي ملڪ جي اليڪشن ڪميشن جي آفيسن ۾ سوشل ميڊيا جي استعمال تي پابندي لاڳو

April 6, 2017 at 2:20 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنهنجي آفيسن ۾ سوشل ميڊيا جي استعمال تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنهنجي آفيس ۾ فيس بڪ، ٽوئيٽر سميت سماجي رابطن جي ٻين ويب سائيٽن ۽ يوٽيوب جي استعمال تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، پابندي اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ، صوبائي ۽ ضلعي اليڪشن ڪمشنرن جي آفيس ۾ لاڳو هوندي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا جي استعمال تي پابندي اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي هيڪرن جي حملن جي کي ڏسندي لڳائي وئي آهي.

اي پيپر