سپريم ڪورٽ ڪيس ملتوي ڪرڻ واريون درخواستون نه ٻڌندي: چيف جسٽس آف پاڪستان
January 2, 2017 at 10:29 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد(بيورو) چيف جسٽس پاڪستان ثاقب نثار جو چوڻ آهي ته هاڻ سپريمڪورٽ ۾ ڪيس ملتوي ڪرڻ واريون درخواستون نه ٻڌيون وينديون. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ايراضي اسيڪنڊل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران هڪ ڌر طرفان ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست تي فاضل جج ڪاوڙجي پيا. جسٽس اعجاز افضل پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ڇا جج ڪيس متلوي ڪرڻ جي لاءِ عدالت آيا آهن. جسٽس دوست محمد خان ريمارڪس ڏيندي چيو ته ججن رات دير تائين ڪيس جا فائيل پڙهي عدالت ايندا آهن پر وري صبح جو عدالت اچي خبر پوندي آهي ته وڪيل پيش ناهي ٿيو ان ڪري ڪنهن به وڪيل کي پيش نه ٿيڻو هجي ته پهرين ئي ٻڌائي، پهرين ٻڌايو ويندو ته جج پنهنجو ڌيان ٻئي ڪيس تي ڏيندا. چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت عظميٰ ڪيس ملتوي ڪرڻ جون درخواستون ٻڌڻ جي لاءِ ناهي، ٿڌ يا زڪام اسان کي به لڳندو آهي تنهن هوندي معمولي ڳالهه تي ڪيس ملتوي ڪرڻ کان بهتر آهي ته وڪيل پيش ٿئي.