سپريم ڪورٽ طرفان جي آءِ ٽي کي 10 جولاءِ تائين مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت
June 23, 2017 at 6:19 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد( بيورو ) سپريم ڪورٽ پاناما ليڪس بابت جي آءِ ٽي کي 10 جولاءِ تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پاناما ليڪس جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جاچ ۾ اڳڀرائي بابت پنهنجي ٽين رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايف آءِ اي واجد ضياءَ پاناما ليڪس ڪيس تي عملدرآمد جو جائزو وٺڻ لاءِ قائم سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بئنچ حوالي ڪئي. جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي پاناما ليڪس بابت عملدرآمد بئنچ جي آءِ ٽي جي رپورٽ جو جائزو وٺي 10 جولاءِ تي مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس اعجاز الحسن سوال ڪيو ته رڪارڊ ٽيمپرنگ جي جاچ ڪيتري وقت ۾ مڪمل ٿيندي. اٽارني جنرل اشتر اوصاف چيو ته ڪجهه ڏينهن اندر جاچ رپورٽ مڪمل ٿي ويندي، جيڪو رڪارڊ گهرجي ٻڌايو وڃي، فراهمي يقيني بڻائي ويندي. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته ادارن جو ڪم آهي جي آءِ ٽي سان سهڪار ڪن پر ادارا سهڪار نه ڪري رهيا آهن.جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءَ چيو ته سڪيورٽي خدشن سبب تصوير ليڪ جي ذميوارن جو نالو نه ٻڌايو ويو. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته ڄنگهون ڇڪڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، ضرورت پئي ته ايف بي آر چيئرمين کي گهرايو ويندو. اٽارني جنرل چيو ته ايف بي آر مخصوص وقت جو رڪارڊ رکندو آهي. جسٽس اعجاز الحسن ايف بي آر اها ڳالهه کين نه ٻڌائي آهي. سپريم ڪورٽ پاناما عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي 10 جولاءِ تائين ملتوي ڪندي جي آءِ ٽي کي مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي، عدالت چيو ته تصوير ليڪ ڪرڻ بابت رپورٽ پبلڪ ڪرڻ يا نه، حڪومت اٽارني جنرل ذريعي جواب جمع ڪرائي.