سپريم ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سفارشن تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو، ٻن هفتن ۾ رڪارڊ طلب

November 4, 2016 at 5:38 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سفارشن تي عملدرآمد روڪيندي سنڌ سرڪار کي چيئرمين سليم ڀنور جي مقرري کانپوءِ نوڪرين لاءِ ڪيل سفارشن جون رڪارڊ ٻن هفتن اندر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو آهي ته جيڪي ميمبر پاڻ ئي اهل ناهن، انهن جي سفارشن تي به سواليه نشان آهي، عدالت اهڙو رستو اختيار ڪندي جنهن سان نانگ به وري ويندو ۽ لٺ به بچي ويندي.چيف جسٽس، جسٽس انور ظهير جمالي جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرز جي مقرري بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت، سنڌ حڪومت کي حڪم ڏنو ته موجوده چيئرمين جي ملازمت دوران سنڌ سروس ڪميشن جي سفارش توڙي ڪنهن به اميدوار کي آفر آڊر جاري نه ڪيو وڃي.سنڌ حڪومت جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ دليل ڏنا ته سنڌ سروس ڪميشن جي موجوده چيئرمين کي تقريبن 5 سال جو تجربو آهي ۽ هو بهتر ڪم ڪري رهيو آهي.چيف جسٽس چيو ڇا ملڪ جو قانون تقريبن 5 سال پراڻو آهي، ميمبرز استعيفيٰ ڏين ٿا پر چيئرمين منظور نٿو ڪري، مقرريون شفاف هجن ها ته ميمبرز استعفيٰ ڇو ڏين ها.

اي پيپر