سي پيڪ جي توانائي منصوبن مان 75 سيڪڙو تي سيڙپڪاري ٿي آهي: احسن اقبال

February 14, 2017 at 10:35 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (م ڊ) منصوبا بندي ۽ ترقيءَ واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته سي پيڪ جي توانائي منصوبن مان 75 سيڪڙو سيڙپڪاري آهي، توانائيءَ جا سڀئي منصوبا آءِ پي پيز تحت آهن، سينيٽ اجلاس ۾ بيان ڏيندي احسن اقبال جو چوڻ هو ته سي پيڪ منصوبن جي لاءِ قرضن تي 2 سيڪڙو انٽرسٽ ادا ڪرڻي آهي، انفرا اسٽرڪچر منصوبن جا قرض 20 کان 25 سالن ۾ واپس ڪرڻا آهن، سي پيڪ جا توانائي جي منصوبن جي لاءِ ڪا الڳ پاليسي نه آهي، توانائي منصوبن جي لاءِ اڳ ئي موجود پاليسين تي سيڙپڪاري آندي وئي آهي، اڳ ڪير به توانائيءَ تي سيڙپڪاري ڪرڻ جي لاءِ تيار نه هو، چين ان ئي پاليسيءَ تحت توانائيءَ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪئي.

اي پيپر