سيوهڻ آپگهاتي ڌماڪي ۾ وڌيڪ ٽن شهيدن جي ڊي اين اي ٽيسٽ مان سڃاڻپ ٿي وئي

March 30, 2017 at 2:55 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

سيوهڻ(رپورٽر) سيوهڻ ۾ قلندر لعل شهباز جي درگاهه ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي ۾ وڌيڪ ٽن شهيدن جي ڊي اين اي ٽيسٽ مان سڃاڻپ ٿي وئي آهي. سيد عبدالله شاهه انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر معين الدين صديقي ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته قلندر جي درگاهه ۾ ڌماڪي بعد شهيدن جي مليل 63 انساني عضون جي ڄامشورو واري لمس اسپتال ۾ ڊي اين اي ٽيسٽ ڪئي وئي، جنهن مان 12 ڄڻن جا عضوا ثابت ٿيا ۽ 3 شهيدن جي سڃاڻپ ٿي آهي ۽ باقي 9 ڄڻن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. ڊاڪٽر معين الدين جو وڌيڪ چوڻ هو ته جاري ٿيل رپورٽ موجب جن شهيدن جي سڃاڻپ ٿي آهي انهن ۾ شڪارپور واسڻ 34 سالن جي گل بخت زال غلام حسن بروهي، گمبٽ واسي 30 سالن صدورو ولد غلام حسين مهر ۽ رحيم يار خان واسڻ 18 مهينن جي سويرا ڌيءَ ملڪ سعيد شامل آهن. لعل شهباز قلندر جي درگاهه ۾ آپگهاتي ڌماڪي بعد وڌيڪ 3 شهيدن جي سڃاڻپ ٿيڻ بعد شهيد ٿي ويلن جو انگ 78 مان وڌي 81 ٿي ويو آهي.

اي پيپر