سياسي بحران جلد ختم نه ٿيندو، نواز شريف سياسي شهادت کي ترجيح ڏيندو: خورشيد احمد شاهه
November 2, 2016 at 8:10 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد(بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ پيپلز پارٽي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته پاناما ليڪس تي صادق ۽ امين جو ڪيس آهي، ان هائوس تبديلي جو ڪوبه امڪان نه آهي،هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته پاناما ليڪس جو ڪو ڪيس نظر نه ٿو اچي، هي صادق ۽ امين جو ڪيس آهي،عمران خان ۽ سندس پارٽي ٽي او آرز تي نه ايندي، نواز شريف قوم کي خطاب ۽ اسيمبلي ۾ پاڻ کي پيش ڪري ڇڏيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته اسان جو بل پاناما سميت سمورن ڪرپشن ڪيسن جي جاچ ڪندو، حڪومت سياسي ويزن هجي ته سينيٽ ۾ بل جي مخالفت نه ڪندا، پي ٽي آءِ جي پرامن ڪارڪنن خلاف ڪارروائي زيادتي آهي ڪارڪنن تي تشدد ۽ عارف علي جي گرفتاري مذمت جوڳي آهي، ميڊيا سان ڳالهايندي سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته پرويز رشيد کي قرباني جو ٻڪرو بڻائي حڪومت جي سڀ کان وڏي مذاق آهي، حڪومت کي سياسي ڪارڪن نه پر نوڪر گهرجن، هن واضح ڪيو ته ڊي جي رينجرز ڪڏهن به وڏي وزير کان پڇاڻو نه ٿو ڪري، سنڌ حڪومت مڪمل محفوظ آهي ڪي پي ڪي ۽ پنجاب وڙهي رهيا آهن، حالتون اڃا به حڪومت جي هٿ ۾ آهن، نواز شريف قانون سان جنگ نه ڪئي ته بچي ويندو، ملڪ ۾ جيڪڏهن سياسي بحران وڌي ويو ته نواز شريف سياسي شهادت کي ترجيح ڏيندو، موجود بحران جلد ختم ٿيندي نظر نه پيو اچي.