ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جي يو آءِ اڳواڻ مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سياسي ۾ اهڙا ماڻهو آهن جن کي سياست جي ڄاڻ به نه آهي، دهشتگردي پولري قوم جو مسئلو آهي، جمعي جي ڏينهن موڪل تي ڪو زور زبردستي نه آهي، اسان ڪندا آهيون، ڪو روڪي سگھي ٿو ته روڪي وٺي، ڪراچيءَ ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته نظام جي اصلاح جي لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي، هڪ زمانو هو جو لشڪر ڪشي وسيلي اقتدار تي قبضو ڪيو ويندو هو، اقتدار جو ٻيو طريقو جمهوري طريقي وسيلي اقتدار حاصل ڪرڻ آهي، عورتن جي حقن جي حفاظت واري ايڪٽ سان مزدورن جي حقن جو خاتمو ٿي ويندو آهي.36