سول اسپتال عمرڪوٽ جون ڊاڪٽرياڻي ۽ نرس مون کي ڀيڻ وانگر آھن: ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو

August 10, 2017 at 7:08 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

عمرڪوٽ(رپورٽر) صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو چيو آھي ته سول اسپتال عمرڪوٽ جون ڊاڪٽرياڻي ۽ نرس مون کي ڀيڻ وانگر آھن، عدالتي عملي پاران بدسلوڪي وارو واقعو غلط آهي. عمرڪوٽ ۾ آفيسرن سان گڏجاڻي کان پوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو چيو ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس واقعي جو نوٽس ورتو آھي،اميد ته عدالت مان ملازمن کي انصاف ملندو.  هن چيو ته واقعي خلاف احتجاج ڪندڙ ڊاڪٽرن سان ملاقات ڪري او پي ڊي جو بائيڪاٽ ختم ڪرائيندس، ڇاڪاڻ ته او پي ڊي جي بائيڪاٽ سان مريضن کي تڪليفون پيش اچي رهيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته چڪن گونيا ڪا خطرناڪ بيماري ناهي ۽ نه ئي ٿر ۾ ان جو ايترو اثر آھي، جيترو ميڊيا ۾ ڏيکاريو پيو وڃي. ڊاڪٽر سڪندر مينڌرو جو چوڻ ھو ته جلد 5 هزار 400 ڊاڪٽر ڀرتي ڪيا ويندا، جنهن کان پوءِ ڊاڪٽرن جي کوٽ ختم ٿي ويندي. هن چيو ته صوبي جي سمورن ضلعن جو دورو ڪري چونڊيل نمائندن سان ملاقاتون ڪري عوام کي صحت جون بهتر سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

اي پيپر