اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم کان پوءِ وفاقي گھرو وزير چوڌري نٿار علي سوشل ميڊيا تي معزز ججن جي ڪردار ڪشي روڪڻ ۽ تڪراري مواد نشر ڪندڙن خلاف ڪارروائيءَ جي لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي 3 ڏينهن اندر پڪي حڪمت عملي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، چوڌري نثار گھرو وزارت جي عهديدارن کي هدايت ڪئي آهي ته هو پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) سان گڏجي اهڙو نظام وضع ڪن جنهن سان اظهار جي آزاديءَ تي به اثر نه پوي، گڏوگڏ ان نظام کي ڪو غلط استعمال به نه ڪري، گھرو وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب فيڊرل انويسٽي گيشن ايجنسي (ايف آءِ اي) طرفان سوشل ميڊيا تي هڪ اعليٰ عدالتي شخصيت جي ڪوڙي تصوير ذريعي بدنامي ڪرڻ جي معاملي جي رپورٽ گھرو وزير کي پيش ڪئي وئي. بيان موجب گھرو وزير فيس بڪ طرفان جعلي تصوير پوسٽ ڪندڙ ماڻهن بابت تفصيل ڏيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جڏهن ته معاملي تي آمريڪي حڪومت سان به رابطو ڪيو ويو. گھرو وزير جو چوڻ هو ته سوشل ميڊيا رائي جي اظهار جي آزاديءَ بدرا آزاديءَ سان گڏ ڪوڙ جو پرچار ڪري رهي آهي ۽ افسوس سان چون ٿو پئجي ته فيس بڪ انتظاميا ۽ آمريڪي حڪومت کي معاملي حساسيت جو اندازو نه آهي.36