سنڌ يونيورسٽي جي خصوصي گرانٽ لاءِ وزيراعظم پاڪستان سان به ڳالهائيندس:احسن اقبال
April 18, 2017 at 8:34 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڄامشورو (رپورٽ : حاڪم چانڊيو ) ترقي ۽ رٿابندي بابت وفاقي وزير احسن اقبال سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ چين پاڪستان اقتصادي راهداري جي فائدن ۽ اهميت بابت منعقد ٿيل ٽن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سندن حڪومت ايندڙ ٽن سالن اندر ملڪ جي هر ضلعي ۾ يونيورسٽيون ۽ ڪئمپسز قائم ڪندي، ايندڙ مالي بجيٽ ۾ سنڌ يونيورسٽي کي وڏو مالي پئڪيج ڏنو ويندو ته جيئن ملڪ جي هن پراڻي تعليمي اداري کي وڌيڪ ترقي وٺرائي سگهجي، سنڌ يونيورسٽي جي خصوصي گرانٽ لاءِ وزيراعظم پاڪستان سان به ڳالهائيندس، قوم آخري دفعو گرمين ۾ لوڊشيڊنگ واري تنگي ڀوڳيندي، جنهن بعد ايندڙ سال کان سسٽم ۾ 10 هزار ميگا واٽ وڌيڪ بجلي اچي ويندي ۽ ملڪ ۾ ڪٿي به لوڊشيڊنگ نه ٿيندي. سي پيڪ پاڪستان ۽ چين سميت سموري خطي لاءِ گيم چينجر آهي، ڀارتي حڪومت کي به اڳتي هلي ان ۾ شامل ٿيڻو، وفاقي وزير احسن اقبال وڌيڪ چيو ته موجوده دور ڄاڻ واري معيشيت جو دور آهي، جنهن جا ڪور ڪمانڊر يونيورسٽين جا وائيس چانسيلر آهن، اڄ جون جنگيون جنگن جي ميدان ۾ نه پر يونيورسٽين جي ڪلاس رومن ۾ ليباريٽريز ۾ وڙهيون پيون وڃن، جنهن لاءِ اسانکي تيار ٿيڻو پوندو. هن چيو ته جن قومن اعليٰ تعليمي ادارن ۾ حقيقي تحقيق کي هٿي وٺرائي ۽ ڪم ڪيو، اهي ڪامياب آهن، جڏهن ته تحقيق جي دنيا ۾ ڪٽ پيسٽ ڪندڙ محققن ۽ سندن يونيورسٽين کي ناڪامي ئي ملندي آهي. تنهن ڪري نوجوان محققن کي محنت ذريعي تحقيق ۽ جديد تحقيقي لاڙن تي ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته جيڪڏهن محقق ڪٽ پيسٽ تي ڀاڙيندا ته پوءِ هڪ ڇا ڏهه سي پيڪ منصوبا به ڪم جا نه آهن. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت پاڪستان ۾ سي پيڪ ذريعي ترقي ۽ خوشحالي جا وڏا موقعا ميسر ڪيا آهن، جنهن سان مستقل قريب ۾ تمام گهڻو فائدو ٿيندو ۽ ترقي جي هڪ نئين دور جي شروعات ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ بي پناهه تڪليفن باوجود اسان تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آهيون. هن چيو ته موجوده دور رفتار جو دور آهي، ان کان اڳ وڏو ننڍي کي کائي ويندو هو پر اڄ تيز سست کي کائي رهيو آهي. هن چيو ته 2008ع جي اقتصادي بحران بعد آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جون معيشيتون ويهجي ويون ۽ اهي ملڪ اڃا تائين انهيءَ بحران جي اثر مان مڪمل طور نڪري نه سگهيا آهن. هن چيو ته انهيءَ اقتصادي بحران چين جي معيشيت کي به متاثر ڪيو، جنهن بعد چيني قيادت ون بيلٽ ون روڊ جو ويزن متعارف ڪرايو، هن چيو ته انهيءَ ويزن ذريعي چين يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا سان وڻج واپار ڪري نئين سري سان ترقي جون راهون تلاش ڪرڻ گهري ٿو، سي پيڪ به نوان موقعا پيدا ڪرڻ جو زبردست ذريعو آهي. احسن اقبال چيو ته سندن حڪومت به 2014ع ۾ ويزن 2025 ڏنو، جنهن ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن صحيون پڻ ڪيون، ويزن 2025ع اصل ۾ پاڪستان جي ترقي جي ايجنڊا آهي. موجوده حڪومت جي ڪوششن سان 2025ع تائين پاڪستان دنيا جي ٽاپ 25 معيشيت وارن ملڪن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويندو. هن چيو ته پاڪستان جا روڊ رستا بهتر بنائڻ ۽ روڊن جو ڄار وڇائڻ جي پروجيڪٽن تي ڪم شروع ڪرڻ تي سياسي ناقدين اسان تي تنقيدون ڪيون ۽ ناڪاري تبصرا ڪيا، پر اسان پنهنجو ڪم جاري رکيو آهي، نتيجي ۾ ڪراچي حيدرآباد موٽر وي مڪمل ٿيڻ طرف وڌي رهيو آهي، ملتان کان سکر تائين به موٽر وي تي ڪم شروع ٿي ويو آهي. هن چيو ته روڊ رستا نه هوندا ته اسڪول ڪيئن ڪم ڪندا، اسپتالن ۾ مريض کي بروقت ڪيئن پهچايو ويندو، وڻج واپار ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو، هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين آساني سان ڪيئن پهچي سگهجي ٿو. احسن اقبال هڪ غيرملڪي سروي جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته ڄاڻايل سروي موجب پاڪستان 2030 تائين بهترين معيشيت رکندڙ 25 ملڪن ۾ شامل ٿي ويندو، اها موجوده حڪومت جي ڪاميابي آهي. هن چيو ته پاڪستان کي 70 سالن تائين پرائين جنگين جي ور چاڙهيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جي حصي ۾ ڊرگ، بدامني، غربت ۽ لاقانونيت کانسواءِ ڪجهه نه آيو. هن چيو ته چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبو ٻنهي ملڪن جي فتح ۽ ترقي جو منصوبو آهي، اسان پاڪستان کي خوشحال بڻائينداسين. هن چيو ته موجوده حڪومت بجلي جا ڪيترائي منصوبا شروع ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ جلد 10 هزار واڌو بجلي سسٽم ۾ اچي ويندي، جنهن سان ايندڙ سال کان ڪا به لوڊشيڊنگ نه ٿيندي، اونهاري جي هيءَ موسم عوام لاءِ لوڊشينگ برداشت ڪرڻ جي آخري مند هوندي. هن چيو ته 2019ع ۾ ٿر جي ڪوئلي مان به بجلي پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويندي، جيڪا 400 سالن تائي ڪافي هوندي. هن چيو ته سنڌ قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، ڪوئلي مان بجلي پيدا ٿيڻ بعد ٿر وارو پٺتي پيل علائقو پاڪستان جو انرجي ڪيپيٽل بڻجي ويندو ۽ هتي ترقي ۽ خوشحالي جو نئون دور شروع ٿيندو. هن چيو ته ملڪ جي سمورن پٺتي پيل علائقن کي قومي ڌاري ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته 44 جوانن جي شهادتن عيوض ڪوئيٽا کان گوادر تائين روڊ جي اڏاوت جو ڪم مڪمل ڪيو ويو، جنهن بعد هاڻي ڪوئيٽا کان گوادر تائين ٻن ڏينهن بجاءِ 8 ڪلاڪن ۾ پهچي سگهجي ٿو. هن چيو ته بلوچستان جي عوام جي ترقي جي مخالف ۽ پاڪستان جي دشمنن جو خاتمو ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته سي پيڪ ڪوئي فوجي منصوبو نه پر اقتصادي خوشحالي جو منصوبو آهي، انهيءَ کي تعصب جي نگاهه سان ڏسندڙ ڀارت کي اڄ اتان جي ٿنڪ ٽئنڪس جا ماڻهو اهو مشورو ڏئي رهيا آهن ته ترقي لاءِ ڀارتي حڪومت تعصب ڇڏي منصوبي ۾ شامل ٿي وڃي، جلد ڀارت کي خبر پئجي ويندي ته سي پيڪ ۾ شموليت کانسواءِ ان جي ترقي لاءِ ٻيو ڪو چارو ناهي. هن چيو ته خطي ۾ نئون ريجنل بلاڪ ٺهي رهيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان جو ڪردار اهم هوندو. هن چيو ته ملڪ جي اڪثريت نوجوانن تي ٻڌل آهي، جن لاءِ روزگار جا ذريعا يونيورسٽين وسيلي پيدا ڪيا ويندا. هن چيو ته 2010ع کان 2013ع تائين 3 سالن اندر هائير ايجوڪيشن ڪمين ذريعي يونيورسٽين تي هڪ ار رپيا خرچ ڪيا ويا، جڏهن ته 2013 کان 2016ع تائين اسان جي حڪومتي دور ۾ هيڪ ذريعي تعليم ۽ تحقيق تي سوا 2 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا، اهو موجوده حڪومت جو تعليمي ويزن آهي. هن چيو ته نٿا چاهيون ته ڪنهن غريب جو ٻار هاسٽلن جو خرچ نه ڀري سگهڻ سبب اعليٰ تعليم کان رهجي وڃي، تنهن ڪري هر َضلعي ۾ يونيورسٽيون ۽ يونيورسٽين جا ڪئمپس قائم ڪيا ويندا ۽ اهو پروجيڪٽ ٽن سالن ۾ مڪمل ڪرڻو آهي. هن چيو ته ايندڙ دور وڌيڪ چٽاڀيٽي جو دور آهي، تنهن ڪري سنڌ جا نوجوان اعليٰ تعليم محنت ۽ لگن سان پرائين ۽ اڳتي اچن. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته عمران خان سميت سياسي مخالف ايندڙ چونڊن جو انتظار ڪن، کين خبر پئجي ويندي ته پاڪستان جو عوام ڪنهن سان گڏ آهي. پاناما ڪيس بابت سوال جي جواب تي وفاقي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ کي سياست ۾ ڌڪيو ويو آهي، جيڪو غلط عمل آهي. هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو واري ڪيس به سپريم ڪورٽ ۾ آندو ويو، جنهن سبب اهو اڃا تائين تڪراري بڻيل آهي. ان کان اڳ ترقي ۽ رٿابندي واري صوبائي وزير مير هزار خان جاراڻي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ يونيورسٽي جا سمورا مسئلا حل ڪيا ويندا. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي صوبي جي عوام جي دلين ۾ وسي ٿي، ان جي ترقي جي راهه ۾ جيڪي به رڪاوٽون آهن، انهن کي دور ڪيو ويندو. هن چيو ته سي پيڪ منصوبو اهم آهي، جنهن ذريعي سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ روڊرستن جو ڄار وڇايو ويندو ۽ عوام لاءِ روزگار جا ذريعا پيدا ٿيندا. اسان کي انهن موقعن مان فائدو وٺڻ لاءِ محنت ڪرڻي پوندي. هن چيو ته هو سنڌ يونيورسٽي جي مسئلن جي حل لاءِ هو صوبي جي وڏي وزير سان ڳالهائيندو ۽ يونيورسٽي جا مسئلا حل ڪرائيندو. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت يونيورسٽي کي درپيش مسئلن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ چيو ته وفاقي حڪومت ملڪ جي قديم يونيورسٽي جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته يونيورسٽي ۾ هاسٽلن جي کوٽ سميت ڪيترائي مسئلا آهن، جن جي حل لاءِ وفاقي حڪومت ايندڙ بجيٽ ۾ خاص فنڊنگ جو اعلان ڪري. هن چيو ته شاگرد مطمئن رهندا ته يونيورسٽي کي اطمينان هوندو پر جيڪڏهن شاگردن کي پريشاني ٿي ته هو دشمنن جي چنبي ۾ اچي سگهن ٿا، تنهن ڪري کين سموريون تعليمي ۽ تحقيقي سهولتون ڏئي کانئن گهربل نتيجا وٺي سگهجن ٿا، جنهن لاءِ وفاق مدد ڪري. ڪانفرنس کي نيشنل يونيورسٽي آف ملائيشيا جي پروفيسر ڊاڪٽر رويچندن مورٿي، ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. 20 اپريل تائين جاري رهندڙ عالمي ڪانفرنس ۾ ملائيشيا، تائيوان، چين، آمريڪا، ڪينيڊا ۽ ٻين ملڪن جا محقق شريڪ آهن، جيڪي سي پيڪ ۽ ان جي خطي تي اثرن جي حوالي سان پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪندا.