سنڌ واسين ۾ ٻهراڙي ۽ شهري جو ڪو فرق ناهي: مصطفيٰ ڪمال
September 28, 2017 at 8:13 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي (م ڊ): پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته هر طرف پريشاني آهي، ماڻهن وٽ خوراڪ ناهي، عوام وٽ پيئڻ جو صاف پاڻي ناهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته سنڌ واسين ۾ ٻهراڙي ۽ شهري جو ڪو فرق ناهي، سنڌ ۾ رهندڙ سمورا ماڻهو اسان جا ڀائر آهن، هن چيو ته سياست سبب ناهيان آيو، گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي ڪا ڳالهه ناهي ٿي، سيٽ ۽ ايڊجسٽمينٽ بعد جي ڳالهه آهي، پهرين لاڳاپا ٿين، ايم ڪيو ايم وٽ وڪيٽ لاءِ پچ ئي ناهي.