سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي، آفيسر 29 مئي تي طلب
May 25, 2017 at 8:17 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي(م ڊ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف داخل درخواست تي عدالت ڪي اليڪٽرڪ جي آفيسرن کي 29 مئي تي طلب ڪري ورتو، عدالت چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ تي خاموش نٿا ويهي سگهون، 2015ع ۾ ڪيترائي ماڻهو لوڊشيڊنگ سبب فوت ٿيا هئا، ڇا هينئر به ڪنهن جي مرڻ جو انتظار ڪيو پيو وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس عرفان سعادت جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ داخل درخواست واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار وڪيل فيصل صديقي پاران داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته ڪراچي شهر ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ شهري پريشان آهن. هن چيو ته نيپرا ڪي اليڪٽرڪ کي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ کان روڪيو هو ان باوجود به شهر ۾ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. عدالت چيو ته 2015ع ۾ ڪيترائي ماڻهو لوڊشيڊنگ سبب فوت ٿيا هئا، ڇا هاڻي به ڪي اليڪٽرڪ ماڻهو مرڻ جو انتظار ڪري رهي آهي، ڇا ڪي اليڪٽرڪ ۽ نيپرا لوڊشيڊنگ جي جن کي قابو نٿا ڪري سگهن.