سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي عهدي تان هٽائڻ واري ڪيس ٻڌڻي
April 20, 2017 at 7:40 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا کي عهدي تان هٽائڻ واري ڪيس ۾ اي ڊي خواجا کي هٽائڻ خلاف ڏنل اسٽي وارو حڪم برقرار رکندي ڪم جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي بنا ڪارروائيءَ جي 26 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي. آءِ جي سنڌ الهه ڏنو خواجا کي سنڌ حڪومت پاران هٽائي وفاق کي نئون آءِ جي مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. عدالت ۾ درخواستگذار جي وڪيل فيصل صديقي جي غير حاضري سبب ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.